سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

معاشي ترقيءَ جي ڏند ڪٿا

جاويد راڄپر
خيرن سان اڌ سينيٽ جي چونڊ به ٿي وئي ۽ اڄ تائين سينيٽ چيئرمين جي چونڊ به ٿي ويندي پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سينيٽ چيئرمين توڙي ٻين نمائشي عهدن جي ”چُونڊ“ کي اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي هجي. ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جي چونڊجي اچڻ سان جيڪڏهن ملڪن جا مسئلا حل ٿي سگهندا هجن ها ته هن مهل تائين ڌرتي جنت ٿي چڪي هجي ها. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ته انتهائي سگهاريون سياسي جماعتون به بي وس ۽ لاچار نظر آيون آهن. هتان جي عوام کي سڀ کان وڌيڪ ڏٽا، دلاسا، آسرا ۽ وعدا (گهڻي قدر ڪوڙا) ۽ شيخ چليءَ وارا خواب عام اليڪشن جا ڏينهن ويجها اچڻ وقت ڏيکاريا ويندا آهن. هاڻي وري عام اليڪشن ويجهي اچڻ واري آهي، تنهنڪري ساڳيون ڳالهيون ضرور ٿينديون پر شايد اسان جي يادگيري ايڏي ڀلي نه هجي جيڪڏهن پاڻ ٿورو پنج سال اڳ يعني 2013ع واري منظرنامي تي غور ڪريون ته شايد ايندڙ چونڊن بابت عوام کي فيصلو ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوي. ڪنهن حڪومت جي ڪارڪردگي کي پرکڻ جا کوڙ سارا ماپا ۽ معيار ٿي سگهن ٿا. مثال طور گذريل پنجن سالن دور ان حڪمران جماعت عوام جي مفاد وٽان ڪهڙي قانونسازي ڪئي؟ ڪهڙا نوان قانون عمل ۾ آندا جن سان عوام کي ڪو فائدو رسيو؟ حڪومت ڪهڙا وڏا سياسي فيصلا ڪيا جن ملڪ جي سياسي نظام ۾ تبديلي آڻي ڇڏي؟ حڪومت پرڏيهي محاذ تي ڪهڙي نواڻ آندي، ڪهڙا نوان دوست ٺاهيا ۽ ڪهڙا دشمن؟ ڇا دوستن جو تعداد وڌيو يا الٽو دشمنن جو؟ عالمي برداري منجهه ملڪ جو تعارف بهتر ٿيو يا مورڳو بدتر؟ ننڍين قومن ۽ وفاق اندر موجود پراڻي تضاد ۾ ڪهڙو فرق آيو؟ ڇا ننڍين قومن کي ڪي اضافي اختيار مليا؟ ڇا کين مالي وسيلن ۾ وڌيڪ حصو مليو؟ ڇا تعليم جي شرح ۾ واڌ ٿي؟ ڇا صحت جي شعبي ۾ هي ملڪ دنيا جي فهرست ۾ ٿورو اڳتي رڙهيو؟ ڇا مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿي؟ ڇا بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ فرق آيو؟ ڇا پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي مقدار ۾ واڌ ٿي؟ ڇا ملاوٽ، بي ايماني، ڪوڙ ۽ رشوت ۾ گهٽتائي ٿي؟ ڇا عورتن جي حيثيت ۾ تبديلي آئي؟ ڇا ملڪ اندر ثقافت، فن ۽ تفريح جا موقعا وڌيا؟ ڇا فڪري طور تي مذهبي انتهاپسندي گهٽ ٿي؟ ڇا سائنس، روشن خيالي، جديد علم ۽ ادب زور ورتو؟ انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن سوالن جا جواب ڳولڻ کانپوءِ اهو سمجهڻ ايڏو ڏکيو نه رهندو ته اسان جا حڪمران پنج سال مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ڪٿي بيٺا آهن ۽ عوام جو ڪهڙو حال آهي؟ بهرحال ڏيهي پرڏيهي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي دائرن کان هٽي ڪري صرف معاشي دائري تي غور ڪري ڏسجي ته گهڻيون حقيقتون پڌريون ٿي پونديون، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سگهه جو تعين معاشي طاقت سان ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ملڪ معاشي طور تي ڪنگلو هجي ته ان منجهان ڪا وڏي اميد ڪرڻ اجائي ٿيندي. ڪنگال ماڻهوءَ جي ڪهڙي آزادي!!! موجوده مسلم ليگي سرڪار کي اقتدار سنڀاليندي مدو پورو ٿيڻ وارو آهي، توڻي جو اليڪشن کان اڳ عوام سان وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا ۽ پورا به ٿيا پر عوام جا نه پر خود حڪمران طبقي جا. هوئن به اسان جي حڪمرانن جو اهو اصول رهيو آهي ته طاقتورن سان ڪيل وعدا اول ۽ ضرور پورا ڪندا آهن باقي ڪمزورن سان ڪيل واعدن جي تڪميل جون ڳالهيون ته صرف اليڪشن کان اڳ تائين جون ئي هونديون آهن، ائين ناهي ته معاشي ميدان ۾ حڪمرانن جي ”ترقيءَ ۾ واڌ“ واري دعوا ڪا ڪوڙي آهي. نه بلڪل سچ ڳالهائين ٿا پر سوال هي آهي ته ترقيءَ ۾ واڌ ٿي ته آهي پر ڪنهن جي؟ غريب عوام جي يا مالدار سيٺين جي؟ ان کي سمجهڻ لاءِ هڪڙو مثال ڪافي آهي. گذريل سال تعميراتي شعبي ۾ 9.05 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پر سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به وڏيون تعميراتي اسڪيمون آهن ۽ انهن گهرن، پلاٽن جون قيمتون ايڏيون وڏيون آهن جو عام ماڻهو خريدڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. پر تعميراتي شعبي ۾ واڌ مان صاف ظاهر آهي ته خريدار موجود آهن ۽ ماڻهن وٽ پئسو به آهي پر سيٺين، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ڪامورن وٽ. ٻيو مثال گذريل سال جنوري کان ڊسمبر تائين گاڏين جي وڪري ۾ تمام وڏو اضافو ٿيو، مثال طور ٽويوٽا ڪرولا 52،431، جڏهن ته هونڊا (سوڪ ۽ سٽي) 40،054 گاڏيون وڪرو ٿيون. ڇا اهي گاڏيون غريبن جي خريدڻ جهڙيون آهن؟ بلڪل نه. ان مان صاف ظاهر آهي ته ملڪ ۾ پئسو ته آهي پر سيٺين وٽ. پر ان کان وڌيڪ حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته حڪمرانن جي دعوا موجب ”تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪي معيشت جو ڪاٿو 300 ارب ڊالرز کان وڌي ويو “ اها ڳالهه بلڪل سورنهن آنا سچ هوندي پر اهو اڻپورو سچ آهي، جنهن جو ٻيو پاسو هي آهي ته ان دعوا سان گڏ ان عرصي دوران کنيل قرضن جو ذڪر ڪيو وڃي ته خبر پئجي ويندي. پاڪستان جو هر هڪ شهري اٽڪل سوا لک روپئي جو قرضي ٿي چڪو آهي. خزاني جي اڳوڻي وزير موجب 2013ع ۾ ملڪي قرض 14318 ارب روپيا هو جڏهن ته مارچ 2017ع تائين ملڪي قرض 20872 ارب روپيا ٿي ويو. جيڪڏهن ڪو ملڪ 1366 ارب روپيا وياج جي صورت ۾ هڪ سال ۾ ادا ڪندو ته باقي ڇا بچندو؟!! اسان جي اڳوڻي ”انتهائي قابل“ خزاني واري وزير اسحاق ڊار صاحب 4 سالن ۾ 24 ارب ڊالرز جو نئون قرض ورتو. جڏهن مشرف حڪومت 2007ع ۾ ختم ٿي هئي ته ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي 60 سالن ۾ ڪُل پرڏيهي قرض 30/35 ارب ڊالرز هو ۽ هاڻوڪي حڪومت پنجن سالن ۾ ئي 32 ارب ڊالرز جو قرض وٺي ڇڏيو. جنهن تي 1366 ارب روپين جو وياج ڏيڻو پوندو. اصل رقم جي ڪا خبر ناهي. جنهن ملڪ کي 1366 ارب روپيا هر سال وياج ادا ڪرڻو هجي اُهو ڀلا عياشيون ڪيئن افورڊ ڪري سگهندو جيڪي اسان جا حڪمران ڪري رهيا آهن؟ ڇا اهڙي ملڪ کي هڪ ارب 11 ڪروڙ روپين جون گاڏيون هڪ سال ۾ صرف هڪ وزيراعظم ريفارمز پروگرام لاءِ خريد ڪرڻ گهرجن يا وري تاجڪستان کي روڪ 56 ڪروڙ روپيا تحفي جي نالي تي ڏيڻ گهرجن يا وري پرڏيهي وزارت کي 35 ڪروڙ روپين جون نيون 35 لگزري گاڏيون خريدڻ گهرجن يا وري آدم ڳڻپ جي نالي تي پنج ارب روپين جون گاڏيون ڪرائي تي وٺڻ گهرجن؟ يا وزيراعظم ۽ صدر جي دفترن جو بجيٽ هڪ هڪ ارب روپيا هجڻ گهرجي؟ ڪوبه ملڪ جنهن جي پنهنجي گهريلو پيداوار جو ٻاهرين دنيا ۾ وڪرو وڌيڪ ۽ ٻاهرين دنيا کان خريداريءَ جي شرح گهٽ هوندي آهي ته اهو ملڪ وڌيڪ ڪمائو سڏبو آهي پر جيڪڏهن ملڪي ڪاروبار ۾ پنهنجين شين جي کپت گهٽ هجي ۽ ٻاهرين شين جي خريداري وڌيڪ هجي ته ان جي معنى ملڪي ناڻو ملڪ ۾ رهڻ بدران ٻاهر هليو وڃي ٿو. پر هنن پنجن سالن دوران ملڪي ايڪسپورٽ ڪڏهن وڌي ته نه پر امپورٽ جي برابر به نه ٿي. مثال طور جولاءِ 2016ع کان اپريل 2017ع دوران ملڪ ۾ ٻاهران آيل شين جو ڪاٿو 37.84 ارب ڊالر جڏهن ته ٻاهر وڪرو ٿيل شين جو ڪاٿو 17.91 ارب ڊالر رهيو. ”ملڪي ترقي“ به هڪڙي وڏي ڏندڪٿا آهي. مثال طور حڪمرانن جي دعوا موجب گذريل سال صنعتي شعبي ۾ 5.02 سيڪڙو، زراعت ۾ 3.46 ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌ جي شرح 5.98 رهي پر جيڪڏهن انهيءَ شعبي وار واڌ کي گذريل سالن جي رڪارڊ سان ڀيٽيو وڃي ته اها واڌ اُتي ئي بيٺي آهي جتان شروع ٿي هئي. مثال طور صنعتي شعبي ۾ واڌ جي شرح 14_2013ع ۾ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 17_2016ع ۾ وري 5.07 سيڪڙو تي پهتي. ساڳئي ريت زراعت ۾ واڌ جي شرح 14_2013ع وقت 2.1 سيڪڙو هئي جيڪا 16_2015ع ۾ گهٽجي 0.19 سيڪڙو تي پهتي ۽ وري 17_2016ع ۾ ٿوري فرق سان 3.46 سيڪڙو رهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته انهن چار سالن دوران ترقيءَ ۾ واڌ نه پر ساليانو لاٿ ۽ واڌ برابر ٿي ٻُڙيءَ (0) جي. يعني جتان نڪتاسين اُتي ئي پهتاسين. ان کي چئبو آهي ”ترقيءَ“ ۾ واڌ! ملڪ جي حالتن ۾ ته ڪو خاص فرق نه آيو آهي، نه عام ماڻهن جي زندگين ۾ معاشي طور تي ڪا بهتري آئي آهي ته پوءِ اها ترقي ڪٿي ۽ ڪنهن جي ٿي آهي؟ ها ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو ته مالدارن جي مال ۾ واڌ ٿي هجي. ۽ جيئن ته اُهي مالدار به پاڪستاني شهري آهن تنهنڪري اُنهن جي ”ترقي“ به ”ملڪي ترقي“ ئي ٿيندي نه! ان سڄي چڪر ۾ عوام جي حالت ان ماڻهوءَ جهڙي آهي جيڪو وياج جي چڪر ۾ پنهنجن نسلن تائين ڳوٺ جي سيٺ وٽ گروي ڇڏيندو آهي پر پوءِ به قرض ادا نه ٿيندو آهي. عوام جن کي چونڊيو انهن سندن وات مان گرهه به ڪڍي ورتو. ملڪي عوام جي ڪهڙي حالت آهي ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ فقط ٻن شعبن لاءِ مقرر ٿيندڙ بجيٽ مان ئي لڳائي سگهي ٿي. مثال طور پاڪستان ۾ تعليم تي صرف 2.1 سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ 173 ملڪن ۾ اسان 164هين جاءِ تي آهيون. اهڙي طرح صحت تي 0.9 سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ 192 ملڪ ۾ اسان جي جاءِ 191 آهي.