ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

پاڻي جي صورتحال خراب، پر رڳو سنڌ ڇو پئي ڀوڳي

ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، ڇو ته ارسا سنڌ جي پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا کوٽ هاڻي 80 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ارسا پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسڪردو جي جابلو علائقن ۾ برف جي ڳرڻ جو عمل تيز نه ٿيو آهي، ان ڪري پاڻي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي، ارسا جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ سنڌ کي 65 سيڪڙو کوٽ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي انهن جو پورو حصو ڏنو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ به ارسا پاڻي جي صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿيڻ بابت پنهنجي هڪ پڌرائي ۾ آگاهي ڏني هئي، جنهن صورتحال کي ٻيهر ارسا پنهنجو هڪ بيان جاري ڪري ظاهر ڪيو آهي، جيستائين پاڻيءَ جي کوٽ جو سوال آهي ته پنجاب صوبي ڪڏهن به پاڻي جي معاملي ۾ شڪايت نه ڪئي آهي، اڄ ميڊيا جو دور آهي، هڪ طرف ٽي وي چئنل هر وقت پل پل جي خبر نشر ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف پرنٽ ميڊيا آهي، جيڪا به ملڪ جي پل پل جي خبر ڇاپي رهي آهي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن به نه پنجاب اسيمبليءَ ۾ ۽ نه ئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پنجاب جي ڪنهن ميمبر اها دانهن ڪئي هجي ته کين پاڻي نه پيو ملي، ڇاڪاڻ ته پنجاب نه رڳو ملڪ جو وڏو صوبو آهي پر زراعت جي حوالي سان به ٽنهي صوبن کان وڌيڪ ايراضي رکي ٿو، تنهن هوندي به هيڏي وڏي صوبي ۾ ڪڏهن اهڙي بريڪنگ نيوز نه آئي آهي، جنهن ۾ پنجاب جي آبادگارن يا پنجاب مان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کين پاڻي کوٽ جون دانهون ڪيون هجن، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو روڳ رڳو سنڌ لاءِ ڇو آهي، جو سنڌ جا چونڊيل ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر اسيمبلين ۾ سنڌ ۾ پاڻي نه هجڻ جون دانهون ڪن ٿا، جڏهن ملڪ ۾ کوٽ آهي ته اها کوٽ سڀني وٽ هڪ جهڙي نظر اچي نه، آبادگار جهڙا پنجاب جا آهن، تهڙا سنڌ جا آهن، هاري جهڙا سنڌ جا آهن، تهڙا سنڌ جا آهن پر پنجاب جا آبادگار ۽ هاري ماٺ ۽ سنڌ جا هاري ۽ آبادگار روئي رهيا آهن، آخر انهي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي. جيستائين مٿان اسڪردو کان پاڻي ڳرڻ ۽ موسمي تبديلي جو تعلق آهي ته ان جو ملبو ته سنڌ ۾ ڇو ٿو ڪري، ٻين صوبن ڏانهن به ته انهن جو ملبو ڪرڻ گهرجي، 1991ع واري ٺاهه ۾ به جيڪي سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ واعدا ڪيا ويا، انهن تي به 60 سيڪڙو عمل نه پيو ٿئي، اڄ به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، بلڪي دريا نه پر هڪ ميدان نظر اچي ٿو ۽ ٻار دريا جي پيٽ ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي نظر اچن ٿا، ڪنهن کي اعتبار نه ٿو اچي ته اهو سنڌو درياهه جو پيٽ آهي يا گرائونڊ آهي ۽ ڪڏهن ڪو دؤر هو، جو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين سياري تائين پاڻي وهندو هو، ايتري تائين جو ايندڙ ٻوڏن سبب سنڌ جي ڪچو ته سالن تائين ٻڏل هوندو هو، ورلي اهو ٻوڏ جو پاڻي سڪندو هو ۽ ڪچي جا آبادگار وڃي ڪو فصل پوکيندا هئا، هاڻي صورتحال اها آهي جو ٻوڏ ته ٺهيو پر انهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به نه آهي، ايتري تائين جو مهاڻا ئي بيروزگار ٿي وڏن شهرن ۾ ٺيلهن تي ڀاڄي رکي وڪڻڻ تي مجبور آهن. اسين ارسا جي جاري ڪيل پڌرائين جي گهرائين ۾ نه ٿا وڃون پر وري به اهو چونداسين ته پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان ناانصافي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن اڄ کوٽ به آهي سا به حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، تنهن کانسواءِ ارسا جي به ان ۾ وڏي ۾ وڏي ڪوتاهي آهي، وري به پاڻي جي فراهمي کي ارسا کي يقيني بنائڻ گهرجي.