سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ وفاقي وزير دانيال عزيز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نجڪاري بابت وفاقي وزير دانيال عزيز تي توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت دانيال عزيز کي فرد جرم جي چارج شيٽ پڙهي ٻڌائي ته هن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جسٽس مشير عالم فرد جرم پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اوهان 2017ع ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ اوهان الزام مڙهيو ته سپريم ڪورٽ جي نگران جج ريفرنس تيار ڪرائي. فرد جرم ۾ چيو ويو ته اوهان جسٽس اعجاز الاحسن لاءِ چيو ته ان جي خلاف اوهان مواد گڏ ڪري ورتو آهي ۽ هڪ انٽرويو دوران اوهان چيو ته جهانگير ترين جي نااهليت جو فيصلو عمران خان کي بچائڻ لاءِ آهي. جسٽس مشير عالم دانيال عزيز کي چيو ته اڄ عدالت جي خلاف نفرت ڦهلائن جا مرتڪب ٿيو ان لاءِ اوهان جي خلاف توهين عدالت جي سيشن ٽي جي تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. فاضل جج چيو ته اسان فرد جرم پڙهي ٻڌايو ڇا اهو اوهان سمجهي ورتو جنهن تي دانيال عزيز جواب ڏنو ته مون سمجهي ورتو آهي جڏهن ته ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪريان ٿو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين لاءِ ملتوي ڪندي استغاثا کي شهادتون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.