سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

چيف جسٽس سياسي شخصيتن جي تصويرن وارا اشتهارن جا پئسا پارٽي اڳواڻن کان وٺڻ جو حڪم

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان سياسي اڳواڻن جي تصويرن وارن اشتهارن جا پئسا پارٽي اڳواڻن کان وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سرڪاري اشتهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. خيبرپختونخواهه جي اطلاعات سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن ۾ 24 ڪروڙ روپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا، اهي اشتهار پهرين ڊسمبر 2017ع کان وٺي 28 فيبروري 2018ع تائين ڏنا ويا، ٽن مهينن جي اشتهارن ۾ پرويز خٽڪ ۽ عمران خان جون تصويرون نه ڳولي سگهياسين. چيف جسٽس اطلاعات سيڪريٽري سان مڪالمو ڪيو ته حڪومتي اشتهارن تي 24 ڪروڙ روپيا لڳائي ڇڏيا، سيڪريٽري ٻڌايو ته اهي اشتهار عوامي آگاهي ۽ فيڊبيڪ لاءِ ڏنا ويا. ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت طرفان سرڪاري اشتهارن بابت گذريل ٽن مهينن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي جيڪا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جمع ڪرائي. چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته اشتهارن ۾ سياسي اڳواڻن جون تصويرون شامل آهن؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته جي ها، اشتهارن ۾ سياسي اڳواڻن جون تصويرون شامل آهن. ان تي جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته ذاتي مشهوري جا پئسا ڪير ڏيندو؟ ڇا توهان 55 لک روپين جو پهريون چيڪ ڏئي ڇڏيو آهي؟ چيف جسٽس پاڪستان جو چوڻ هو ته ان معاملي کي پورو ڏينهن ٻڌندس، اهو معاملو هڪ ٻن ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو، ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته سياسي ليڊر جون تصويرون اشتهارن تي لڳائڻ بند ڪرائي ڇڏيو. جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته اشتهارن ۾ جيڪي تصويرون لڳيون آهن پارٽي اڳواڻن کان پئسا واپس ڪرائي ڇڏيو.