اربع 19 ڊسمبر 2018ء

اڄ دل چاهي ٿي ته ڪٿي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ وڃان جنهن ۾ منهنجو پگهر ۽ رت پيل آهي: نواز شريف

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جو چوڻ آهي ته جيڪو مشن چونڊيو ان جي پوري ٿيڻ تائين ڪڏهن به پوئتي نه هٽندس. اسلام آباد ۾ پارٽي جي جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان گهٽ مدي ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو. اڄ دل چاهي ٿي ته ڪٿي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ وڃان جنهن ۾ منهنجو پگهر ۽ رت پيل آهي، يقين آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف به مون کي ان وقت ياد ڪندا هوندا. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪو مون سان ٿيو ان کانپوءِ ڪنهن شئي جو افتتاح ڪرڻ تي دل نه ٿي چوي، انسان جي دل ٽٽي پوندي آهي پر منهنجي دل ايتري به ناهي ٽٽي ڇو پوئتي هٽي وڃان، جيڪو مشن چونڊي ورتو آهي ان جي پوري ٿيڻ تائين ڪڏهن به پوئتي نه هٽندس اسان اسان جي ايمان جو حصو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح اسان جا ستر سال گذريا ايندڙ ستر سال ايئن نه گذرڻ گهرجن، ايندڙ ستر سال بهتر بڻائڻ لاءِ اوهان جي قدم سان قدم ملائي هلندس، اوهان کي مجبور ڪندس ته مون سان گڏ هلو.