ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

گو نواز گو گهڻو ٿي ويو، هاڻي شهباز شريف جي واري آهي: عمران خان

ويب ڊيسڪ: گجرات: چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جو چوڻ آهي ته گو نواز گو گهڻو ٿي ويو، هاڻي شهباز شريف جي واري آهي. گجرات ۾ ٽانڊا جي مقام تي ڪارڪنن کي خطاب ۾ عمران خان نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جڏهن عدالت نااهل قرار ڏيندي آهي ته چيو ويندو آهي ته ”مون ڇو ڪڍيو“ نواز شريف ماڻهن کي چريو ڪري رهيو اهي، اهو ٻڌائي ته سندس وٽ ارب رپيا ڪٿان آيا؟، جڏهن اربين رپين جي پراپرٽي نڪري آئي آهي ته نواز شريف کي ٻڌائڻ گهرجي ته اها ڪيئن ٺاهي.؟