سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

ستن زمينن جون فارسي گو شاعرائون

يوسف سنڌي
ايراني حڪومت پاران گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي شهرن ۾ خانه فرهنگ يعني ڪلچرل سينٽر جي نالي سان ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ثقافتي سينٽرن جو مقصد ثقافتي محاذ تي انهن ملڪن سان رابطن کي سگهارو ڪرڻ ۽ تعلقاتن کي فروغ ڏيڻ آهي، اهي سينٽر مقامي طور تي فارسي ٻولي سيکارڻ، خطاطي جي سکيا، ڪمپيوٽر جي سکيا ۽ ٻين تعليمي معاملن ۾ پڻ ڪلاس هلائين ٿا، جن مان ڪيترائي نوجوان مستفيض ٿي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ سينٽر يعني خانه فرهنگ حيدرآباد ۾ پڻ آهي، جنهن کي عام طور تي خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران چيو وڃي ٿو. آئون جڏهن 2011ع ۾ ايران ويو هئس ته اتان مون رباعيات عمر خيام، شاهنامه فردوسي ۽ ديوان فريدالدين عطار ورتا هئا ۽ منهنجي خواهش هئي ته اهي آئون فارسيءَ ۾ پڙهان، پر فارسي سکجي ته ڪيئن ۽ ڪٿي؟ نيٺ ان جستجوءَ ۾ خانه فرهنگ اسلامي جمهوري ايران وڃي پهتس ۽ اتي هلندڙ فارسي جي ڪلاسن ۾ داخلا ورتم پر ترت ئي نيورو پرابلم ٿي وڃڻ سبب اهو ڪورس مڪمل ڪري نه سگهيس، پر خانه فرهنگ سان منهنجو لاڳاپو برقرار رهيو ۽ خانه فرهنگ پاران ٿيندڙ پروگرامن جون دعوتون اينديون رهنديون هيون، جن ۾ آئون ڪوشش ڪري شرڪت ڪندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن ڊگهو وقفو به پئجي ويندو هو، ائين هڪ ڀيري ڊگهي وقفي کانپوءِ جڏهن گذريل سال هڪ پروگرام ۾ وڃڻ ٿيو ته جناب مظفر خاصخيلي، خانه فرهنگ حيدرآباد جي نئين آيل ڊائريڪٽر آقاءِ احمد عبدالله پُر سان ملاقات ۽ تعارف ڪرايو، جو ان پرڪشش شخصيت جي مالڪ جناب احمد عبدالله پُر سان ملي خوشي ٿيم، جڏهن مظفر منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو ته پاڻ خوشيءَ جو اظهار ڪندي مون کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏنائين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجي دوست جاني خاصخيلي سان گڏجي وڃي، جناب احمد عبدالله پُر سان ملاقات ڪيم، جاني خاصخيليءَ کانئس ”سوڀ“ لاءِ انٽرويو ڪيو، جيڪو پوءِ ”سوڀ“ ۾ ڇپيو، ان انٽرويو ۾ جناب احمد عبدالله پُر ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون ۽ چيائين ته پاڪستان ۽ ايران جا تهذيبي، ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا ايترا ته پراڻا آهن جو رڳو ان هڪ نقطي تي گڏجي ڪم ڪجي ته اسين مستقبل ۾ ڪافي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ خاص ڪري سنڌ ته ماضيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ايران سان جڙيل رهي آهي، مون کيس عرض ڪيو ته ماضيءَ ۾ سنڌ نه رڳو ايران جي حاڪميت هيٺ رهي آهي پر فارسي زبان لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري زبان پڻ رهي آهي ۽ سنڌ تي فارسي زبان ۽ ايران جي تهذيبي، ثقافتي ۽ ادبي زندگيءَ جا وڏا اثر رهيا آهن، هتي جا اڪثر شاعر فارسيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا، جن جا ڪيترائي ديوان ايڊٽ ڪرائي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايا ويا آهن، ان دور جي مذهبي عالمن جا اڪثر ڪتاب فارسي ۾ لکيل آهن، مخدوم نوح سرور ته قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو، مون کيس اهو به عرض ڪيو سنڌ جي تاريخ جا اڪثر اهم ماخذ چچ نامه، تاريخ معصومي، تاريخ مظهر شاهجاني، تاريخ تازه نواءِ معارڪ، لب تاريخ سنڌ وغيره فارسي ۾ ئي لکيل آهن، سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي انگريزي ۾ پرشين پوئيٽس آف سنڌ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو آهي. پوءِ منهنجو جناب احمد عبدالله پُر سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ اسان جي گفتگو جا موضوع اڪثر ادب ۽ ثقافت ئي رهيا، ان کانسواءِ ايران جو اسلامي جمهوري انقلاب ۽ ان جي اثرن تي به اسين ڳالهائيندا رهيا آهيون، اهو ان ڪري ته آئون ايراني اسلامي انقلاب کان گهڻو متاثر رهيو آهيان ۽ پنهنجي سفر نامي ”اڌ مهينو ايران ۾“ انقلاب جي حوالي سان مون ڪيترائي باب لکيا آهن، هاڻ تازو جڏهن ڪجهه هفتا اڳ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته پاڻ مون کي ٻه ڪتاب عنايت ڪيائون، پهريون ڪتاب جناب آيت الله جوادي آملي جو اردو ۾ ترجمو ٿيل ”اسلام اور ماحوليات“ جيڪو اسلامي جمهوري ايران اسلام آباد جي ثقافتي قونصليٽ پاران ڇپرايو ويو آهي، ان ڪتاب جو موضوع ڏاڍو دلچسپ ۽ ڪتاب ڏاڍو معلوماتي آهي، ٻيو ڪتاب فارسي ۾ ”هفت شهر عشق“ هو، جنهن ۾ ستن ملڪن افغانستان، اربڪستان، پاڪستان، تاجڪستان، عثماني، قفقار ۽ هندستان جي فارسي گو شاعرائن جو مختصر تعارف ۽ سندن شاعري جو نمونو ڏنل آهي، اهو ڪتاب ”موسسئه انتشارات مدبر – ايران“ پاران ڇپرايو ويو آهي، ان ڪتاب جو انگريزي ۾ نالو “Persian poetesses, Poems of 7 Lands of Love” آهي، ايران ۾ ڪتاب هونئن به ڏاڍا خوبصورت ڇپجن ٿا ۽ هي ڪتاب به ڏاڍو سهڻو ڇپيل آهي، هن ڪتاب ۾ ايراني شاعرائن جي شاعريءَ کي شامل نه ڪيو ويو آهي، جيڪو يقينن ڌار ڪتاب ڇپيو هوندو، ڇو ته ايران ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون فارسي گو شاعرائون ٿي گذريون آهن، جن اڳتي هلي عالمي حيثيت ماڻي، جهڙوڪ، پروين اعتصامي، فروغ فرخ زاد، مرضيه احمدي اسڪوئي وغيره. ڪتاب ۾ پاڪستان جي اهڙين اٺن شاعرائن جو مختصر تعارف ۽ شعر جو نمونو ڏنل آهي، جيڪي فارسي ۾ شاعري ڪري رهيون آهن، انهن جا نالا آهن، پروين دخت اختر شيراني، رضيه اڪبر، ڪوثر ثمرين، رشيده حسن، فائزه زهره مرزا، زبيده صديقي، سمن عزيز ۽ طاهرا نگار جو تعارف ۽ شاعري شامل آهي، انهن مان ٻن فارسي شاعرائن فائزه زهره مرزا ۽ طاهره نگار جو واسطو حيدرآباد سنڌ سان آهي، فائزه مرزا جو جنم 1971ع ۾ حيدرآباد ۾ جناب اعجاز علي بيگ مرزا جي گهر ۾ ٿيو، سندس تعلق عظيم مرزا قليچ بيگ جي ڪٽنب سان آهي، فائزه اعليٰ تعليم ايران مان حاصل ڪئي ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب گرجي نامه (مجموعه اشعار فارسي) تي ڪم ڪيائين، هن ڪتاب ۾ سندس چونڊ شعر به ڏنل آهن، ٻي شاعرا طاهره نگار جي وڏڙن جو تعلق ميانوالي پنجاب سان هو، طاهره نگار 1973ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو ۽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان اعليٰ تعليم ورتائين، سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ”روزن“ جي نالي سان سن 2000ع ۾ ڇپيو. ستن سرزمينن جي فارسي گو شاعرائن جي هن ڪتاب ۾ شامل پاڪستان ۾ هن وقت فارسي جي هلت چلت عام ڪونهي، البته اڪيڊمڪ سطح تي ملڪ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ فارسي جا شعبا ڪم ڪري رهيا آهن، البته افغانستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان وغيره ۾ هينئر به فارسي عام ڳالهه ٻولهه جي زبان آهي، افغانستان ۾ فارسي زبان اتان جي وڏي حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جتي عام طور تي فارسي کي دري سڏيو وڃي ٿو، سينٽرل ايشيا جي ملڪن ازبڪستان، تاجڪستان ۽ قفقار وغيره ۾ به فارسي عام استعمال جي زبان آهي، فارسي هڪ شاهڪار ۽ زنده زبان آهي، فارسي ٻولي جو ادب خاص ڪري شعر سڄي ايشيا جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن مشرقي ڪلاسيڪي ادب جو جائزو وٺجي ته فارسي زبان جي ادب کانسواءِ مشرقي ادب جو تذڪرو ئي اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. ”هفت شهر عشق“ جي مرتب مهري شاهه حسيني (شاد ماني) آهي، مهريءَ جو جنم تهران ۾ ٿيو، فارسي اديبات ۾ سندس وڏيون خدمتون آهن، سندس ٻين ڪتابن ۾ ”زنان شاعر ايران“ ۾ ”طبيعت و شعر درگفتگو با شاعران“ شامل آهن، سندس شعري مجموعو ”عشق بازي مي ڪنيم نام او“ جي نالي سان ڇپيل آهي، مهري شاهه حسيني کي هن ڪتاب ”هفت شعر عشق“ جي ترتيب ۽ تدوين لاءِ ڪيتري محنت ڪرڻي پئي هوندي، ان جو اندازو ڪو محقق ئي لڳائي سگهي ٿو.”هفت شعر عشق“ ۾ اٺ پاڪستاني، 125 افغانستاني، 14 ازبڪستاني، 74 تاجڪستاني، 9 عثماني (ترڪي)، 3 قفقاري، 49 هندستاني فارسي گو شاعرائن جو تذڪرو شامل آهي، هن ڪتاب جو ڪئنواس ان ڪري به وسيع آهي ته هن ۾ ترڪيءَ جي عثماني دور جي شاعرائن سان گڏ هندستان جي قديم شاعرائن، جن ۾ زيب النساءَ مخفي وغيره جو تذڪرو به ملي ٿو. مون کي جڏهن جناب احمد عبدالله پُر هي اهو ڪتاب عنايت ڪيو ۽ مون گهر وڃي ان جو جائزو ورتو ته ان جي اهميت جي اندازي ٿيڻ سان گڏ جناب احمد عبدالله پُر جي ادب دوستي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ۽ ٻي ڀيري جڏهن خانه فرهنگ ويس ته مون جناب مظفر کي چيو ته اوهين جي ٿورو وقت ڪڍو ته پاڻ ٻئي گڏجي هن ڪتاب جي چونڊ شعرن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪريون، جيئن سنڌي پڙهندڙ به هن اهم ڪم کان واقف ٿي سگهن، مون کي يقين آهي ته جلد ئي اسين ٻئي هن اهم ڪتاب جي چونڊ شاعرائن جي شاعري کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري وٺنداسين.