ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

ڪراچيءَ کان ڪوٽ ڏجي تائين

ڊاڪٽر نصرت سهتو
ڪراچي مان تعليم کاتي جي آفيسرن، تعليمي ماهرن، ڪالجز پرنسپالن ۽ سينئر پروفيسرن جو نڪتل قافلو، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ڊاڪٽر پرويز احمد سيهڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽ ڏجيءَ ڏانهن روان دوان هو، جتي انهن کي How To Ensure The Quality Education جي سري هيٺ منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. سڪرنڊ ڀرسان قافلو بيهي رهيو، اڳئين مضمون ۾ لکي آئي آهيان، ته ڪاليج ايجوڪيشن طرفان ٿيندڙ سيمينارن جا مکيه ٻه مقصد آهن، هڪ: تعليمي حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪري، تعليم جي سلسلي ۾ جديد طريقن کي روشناس ڪرائڻ؛ ٻيو: سيمينار لاءِ اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪرڻ، جيڪا تاريخي اهميت جي حامل هجي. رني ڪوٽ کان ٿر ۽ هاڻي ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو، ان سلسلي ۾ هڪ ننڍڙي ڪوشش هئي. سڪرنڊ جي ويجهو قافلي بيهڻ جو مقصد به اتي موجود هڪ تاريخي اثاثي ’پئي ٻيلي‘ جي ياترا هئي. پئي ٻيلو، سڪرنڊ شهر کان ڏکڻ اولهه طرف پنج ڪلوميٽر پري باءِ پاس تي موجود آهي، هن ٻيلي جي اولهه ۾ عظيم سنڌو ندي، پنهنجي غربت واري حالت ۾ وهي پئي. درياهه جي هن پار سن جو شهر آهي. سن، جنهن جي تاريخي سياسي سماجي حيثيت سائين جي ايم سيد جي شهر جي آهي. هن ٻيلي ڏانهن ٻيو رستو مجيد ڪيرئي ڳوٺ کان به وڃي ٿو. پئي ٻيلي جي اولهه پاسي ديهه ماروي، ڏکڻ طرف ديهه تلي ۽ موريو لاکو، اتر ۽ اوڀر ۾ ديهه سڪرنڊ آهن. هينئر ٻيلي جو اڳوڻو اوج نه رهيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير قانوني وڻن جي واڍيءَ هن سهڻي شڪارگاه جو حُسن برباد ڪري ڇڏيو آهي. پئي ٻيلي ۾ ٻٻر، بيد مشڪ، ٻير، ديوي، کٻڙ، ڪنڊي، لئي، ڪرڙ ۽ ٽالهيءَ ۽ ٻين به ڪيترن قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه آهن. مقامي ماڻهن مطابق هتي جانورن ۾ هرڻ، ڦاڙها، سوئر، گدڙ، نور، سيڙهه، جهنگلي ٻلا وغيره ۽ پکين ۾ ڪارو تتر، اڇو تتر، ڳيرو، طوطو، هيڙهو، باز، بلبل _ ڀوري، هيڙهو، وهيو، چڪور، ڪانءُ، ڪٻريون ملن ٿا. هڪ اهم ڳالهه ته صدر ايوب خان جي دؤر ۾ هتي خصوصي طور شڪارگاه تعمير ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ جنرل صاحب جو بنگلو پڻ آهي. لغت جي لحاظ کان ’پئي‘ لفظ جي معنى آهي: اهڙي زمين، جنهن کي ٻن پاسن کان پاڻي لڳي، يا ٻن ڪڙين جي وچ واري زمين. پئي ٻيلي ۾ اسان جو مقصد ان جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ هرڻ ۽ ڦاڙها به ڏسڻا هئا، پر بدقسمتي جو هرڻ ماڻهن جي ميڙ کي ڏسي ڀڄي ويا، اسان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين!! سڪرنڊ کان نڪري اسان جو قافلو موري پهتو، مورو شهر، پنهنجي حيثيت ۾ نرالو شهر آهي، جتي شام جو سج لهڻ جو منظر ڏسڻ لاءِ مليو. موري شهر کان نوان جتوئي- مٺياڻي کان پوءِ منهنجو ننڍڙو ڳوٺ دليپوٽا آهي. گهڙي کن لاءِ دليپوٽا جو تصور ايندي، پنهنجي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويس، منهنجي ڳوٺ جون اهي گهٽيون، جتي ٻاروتڻ گذريو هو. فاريسٽ بنگلو، جيڪو اسان جي گهر جي بلڪل سامهون هاڻي کنڊر جي شڪل ۾ موجود آهي، اتي دنيا جو عظيم ملهه شير ميربحر رهندو هو. هن جو والد علي محمد ميربحر جڏهن دليپوٽا ٻيلي ۾ فاريسٽ آفيسر ٿي آيو، ته ننڍڙو شير به هن سان رهيو، منهنجو ڏاڏا سائين علي بخش سهتو ٻڌائيندو هو ته: ”دليپوٽا ۾ موريل شاه درگاه تي هر هفتي ملاکڙي ميلو ٿيندو هو، جتي حيات پهنور، آچر سهتو، صالح سهتو ۽ ٻيا مقامي ملهه، شير ميربحر سان ملهه وڙهندا هئا… شروع ۾ ته مقابلا برابر رهيا، پر پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي دنيا ۾ شير ميربحر، سنڌ ۽ ملهه جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ان ڳالهين جو تذڪرو، تاريخ نويس مولائي ملاح پنهنجي ڪتاب ’شير ميربحر‘ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. ڳوٺ جي ساروڻين ۾ گم هئس، ته ڪنهن آواز ڏنو:”هلو هلو گاڏين ۾ ويهو، منزل اڃا اڳتي آهي.“ ها بلڪل، اسان کي سکر پهچڻو هو، جتي ريجنل ڊائرڪٽر ڪاليجز ڊاڪٽر عبدالباري انڍڙ اسان جو ميزبان هو. رات سکر ۾ گذاري صبح جو ڪوٽ ڏجيءَ ڏانهن رخ رکيو، خيرپور کان ڪراس ڪري ڪوٽ بنگلي جو اسٽاپ آيو، جتان ئي ڪوٽ ڏجي جو قلعو پري کان نظر آيو.ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو ۽ ميرن جي هن رياست ۾ موجود ٻين تاريخي جڳهن جي پچار لاءِ هي مضمون ناڪافي آهي، ان ڪري ايندڙ مضمون ۾ ڪوٽ ڏجي قلعي سميت فيض محل ۽ ٻين تاريخي جڳهن جو مختصر تعارف ۽ موجوده حالتون بيان ڪندس، في الحال هن سڄي سلسلي جو مکيه مقصد تعليمي سمينار جو حال احوال لکڻ چاهيان ٿي: ڪوٽ ڏجي قلعي ۾ صبح جو، وقت جي انتهائي پابندي سان 9 وڳي سيمنيار شروع ٿي ويو. پرگرام ۾ 100 ماڻهو شريڪ هئا، جن کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو هو، ابتدائي طور هر گروپ کي پاڻ ۾ ڊسڪشن جو موقعو ڏنو ويو. گروپ ڊسڪشن کانپوءِ پريزينٽيشن جو وارو هو. هر گروپ ليڊر کي اسٽيج تي گهرائي موضوع متعلق ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن سڄي لقاءَ ۾ هڪ خاص ڳالهه ته ڪنهن به ڳالهائيندڙ پنهنجي مقرر وقت کان هڪ سيڪنڊ به وڌيڪ نه ورتو، ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويا، جڏهن ته ڪجهه مقرر وقت ۾ پنهنجي خيالن کي چٽي طرح پيش نه ڪري سگهيا. هر گروپ جي پرزينٽيشن کانپوءِ سيڪريٽري ڊاڪٽر پرويز احمد سيهڙ صاحب، کي تبصري ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو هو. گروپ ڊسڪشن ۽ پريزينٽيشن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن شروع ٿي ويو، جنهن ۾ موضوع متعلق ڪافي لاڀائتي ڄاڻ ملي رهي هئي. آخر ۾ سيڪريٽري صاحب موضوع بابت تفصيلي طور سمجهاڻي ڏني، ڇاڪاڻ ته موضوع: How To Ensure The Quality Education تعليمي حوالي سان سائنسي بنيادن تي ٻڌل ٽاپڪ هو، ان ڪري ڪافي معلومات ميسر ٿي. تعليمي مامرن بابت ڪافي مونجهارا حل ٿي ويا. اصل ۾ هي سڄي ڪوشش Trickle Down Affects جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي، مطلب جيسيتائين تعليم کاتي جا بالا آفيسر جديد تعليمي طريقن کي نه سمجهندا، تيسيتائين هيٺ تائين ڪابه تبديلي نه اچي سگهندي. دنيا جي ترقي يافته معاشرن ۾ اهو طريقو اپنايو ويندو آهي. تبديلي هميشه مٿان کان اچڻ گهرجي، ادارن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت به اهو ئي طريقو آهي. خيرن سان شام جو 4 وڳي سيمينار پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن کانپوءِ سيڪريٽري صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙ قلعي کي ڏسڻ لاءِ روانا ٿيا، دنيا جي ٻين قلعن جيان هي قلعو به پنهنجي اندر هزارين راز سانڍي ويٺو آهي. هن جي اڏاوت کان وٺي هن دؤر تائين هڪ ڊگهو داستان آهي، جنهن کي هن مضمون جي ٻئي حصو ۾ سانڍڻ جي ڪوشش ڪندم؛ في الحال ايترو لکڻ تي اڪتفا ڪريان ٿي ته اسان کي سنجيده ٿي پنهنجي شين جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، اسان جو جياپو ان ۾ ئي آهي. Nusratsahito20@gmail.com