سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

ايم ڪيو ايم جو زوال

عرفان حسين
جيئن ته اڄڪلهه سينيٽ چونڊن وارو معاملو سياسي ماحول ۾ گردش هيٺ رهيو جنهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن جي منهن تي هٿرادو مسڪراهٽ هئي جڏهن ته هارائيندڙ دانهون ئي ڪندا رهيا. بهرحال ڪا به ڳالهه نئين نه هئي؛ جيترو مون کي ياد آهي ته هر سينيٽ چونڊ ۾ ڪرپشن ۽ هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳندا رهيا آهن. ان عمل کي ڳجهي ووٽنگ ذريعي مشڪل سان ئي ٽاري سگهجي ٿو، جتي اڻ سڌي ووٽ ذريعي تمام ٿورڙا ماڻهو چڱو موچارو مال ميڙي وٺن ٿا. ان سموري عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳيندڙ ايم ڪيو ايم رهي، جيڪا امڪاني طور تي چار، نه ته ٽي سيٽون کڻي سگهي پئي پر ٽن منجهان صرف هڪڙي سينيٽ جي سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. گهڻن ڌڙن ۾ ورهايل ايم ڪيو ايم، آخري گهڙي ۾ متحد ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اُهي گڏجن نه ها ته شايد اهي هڪڙو سينيٽر به چونڊرائي نه سگهن ها. ڊاڪٽر فاروق ستار، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ليڊر، تي ان سموري ناڪاميءَ جو الزام هنيو پيو وڃي ته هُن ڪامران ٽسوري، جيڪو پارٽي ۾ نئون آهي، ان کي پارٽيءَ جي مضبوط اپوزيشن باوجود سينيٽ اميدوار طور بيهاريو. هڪڙي جماعت جيڪا وچولي طبقي منجهان هجڻ جون ڊاڙون هڻندي رهي آهي، ان منجهه هڪ ارب پتي کي جاءِ ملڻ جي ڪري بغاوت ٿيڻي هئي. تازو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو ٻين جماعتن کي ووٽ ڏيڻ مان صاف ظاهر آهي ته پارٽيءَ اندر ڪيڏي ڪاوڙ ۽ گهري مايوسي آهي. ان مايوسي لاءِ ذميوار ڀلي فاروق ستار کي قرار ڏنو وڃي پر ايم ڪيو ايم اندر ڦيٽاڙي جو مکيه ڪارڻ گهڻو پري لنڊن ۾ آهي. ٻه سال اڳ تائين ايم ڪيو ايم ۾ ان قسم جو ڦيٽاڙو ناقابل تصور هو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ پارٽيءَ مان نڪرڻ جو مطلب گولين جو کاڄ ٿيڻ ۽ ٻورين ۾ بند لاش ملڻ هوندو هو. الطاف ڀائي پارٽي ڇڏيندڙن کي معاف نه ڪندو هو ۽ هن جا سيڪٽر ڪمانڊر انتهائي بيرحمي سان اهڙن حڪمن جي تعميل ڪندا هئا، ان باوجود ايم ڪيو ايم جو ليڊر شهري سنڌ جي مهاجرن منجهه تمام گهڻو مقبول هوندو هو ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ اهڙي ماڻهو طور ڏٺو ويندو هو جنهن صوبائي ۽ ملڪي سياست ۾ ان برادري کي طاقتور آواز ڏياريو. نيٺ هن لنڊن ۾ پاڻمرادو جلاوطني دوران پنهنجي جذباتي پڻي ۽ ڇڙواڳ تقريرن سبب پنهنجو پاڻ کي پاسيرو ڪرائي ڇڏيو، هي خوف ۽ احترام ذريعي پنهنجي پارٽيءَ کي فولادي هٿ سان ڪنٽرول ڪندو رهيو. جڏهن هي گهڻو اڳتي وڌي ويو، شايد ڪنهن اثر هيٺ، هن ورهاڱي کي ننديدي ۽ فوجي جنرلن تي چٿر ڪندي تقرير ڪئي، جنهنڪري لاهور هاءِ ڪورٽ سندس اهڙين ڇڙواڳ تقريرن کي نشر ڪرڻ تي بندش هڻي ڇڏي. ڪراچيءَ اندر رينجرز جي اڳواڻي ۾ آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ مشڪوڪ قاتلن کي پڪڙي اندر ڪيو ويو. نوان پڙهندڙ شايد 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن دوران ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڦهليل دهشت کان واقف نه هجن. ماڻهو رات جي وقت ٻاهر نڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا هئا ۽ دڪان سوير ئي بند ٿي ويندا هئا. ايم ڪيو ايم جا نوجوان غنڊا، جيڪي جديد خودڪار هٿيارن سان ليس هوندا هئا، پارٽي لاءِ ”فنڊز“ جو مطالبو ڪندي ننڍن وڏن ڪاروباري ماڻهن کي ڌمڪائيندا رهندا هئا. ڪجهه سالن کانپوءِ انهيءَ طريقي کي ٻين سياسي پارٽين به نقل ڪرڻ شروع ڪيو. ائين مختلف علائقن مان ڀتي خوري جي اوڳاڙڻ واري ”حق“ تي گينگ وار شروع ٿي پر شايد الطاف حسين جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجي پارٽيءَ کي اسٽريٽ پاور مان هڪ سياسي مشين ۾ بدلائي ڇڏيو جنهن هر اليڪشن ۾ شهرن منجهان وڏي تعداد ۾ اميدوار ڪامياب ڪرايا. وڏي چالاڪي ۽ عياري سان سيڪٽر ڪمانڊر مهاجر ووٽن کي ڦيرائي ڇڏيندا هئا ۽ هڪ سال اڳ ئي اهڙي وڊيو ظاهر ٿي جنهن ۾ بنا هڪڙي به ووٽر جي پولنگ آفيسر پاڻ ٺپا هڻي رهيا هئا. مون هڪ ڀيري ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي وزير کان پڇيو ته ڪراچيءَ جهڙي گرمي ۾ هي ڪيئن ڪلاڪن جا ڪلاڪ الطاف حسين جو ڇڙواڳ ٽيليفون خطاب ويهي ٻُڌندو هو. هن سادو جواب ڏنو؛ ”ڇاڪاڻ ته مون وٽ ڪو ٻيو گس نه هو.“ اهو ئي جواب هاڻي کوڙ ماڻهو ڏيندا، ڇاڪاڻ ته هاڻي کين ڪنهن سيڪٽر ڪمانڊر کان خوف ناهي رهيو. کوڙ مهاجر شايد پنهنجو پاڻ کي الطاف حسين جي ظلم کان آزاد محسوس ڪندا هوندا پر ڪجهه اهڙا به هوندا جيڪي پاڻ کي هارايل محسوس ڪندا هوندا. 1999ع ۾ مشرف طرفان اقتدار تي قبضي کان ترت پوءِ جڏهن هن اقتدار ۾ برقرار رهڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس ڪنهن سياسي پارٽي جي اتحاد کي ڳنڍي رکڻ جي ضرورت پئي، تڏهن هن ان ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪيو. جڏهن مون طارق عزيز، جيڪو سندس طاقتور سويلين صلاحڪار هو، کان پڇيو ته ان قسم جي پرتشدد ۽ فتني خور پارٽيءَ کي ڇو کنيو اٿو، هن جواب ڏنو انڪري جو الطاف حسين وٽ طاقت آهي جڏهن چاهي ڪراچي بند ڪرائي ڇڏي. تنهنڪري اهو بهتر ٿيندو ته اهڙي پارٽي ٻاهر رهي مسئلا پيدا ڪري ان بدران حڪومت ۾ هجي. خوش قسمتي آهي ته ايم ڪيو ايم طرفان ڏيهاڙي احتجاجن ”شهر بند ڪرائڻ“ وارا ڏينهن گذري چڪا آهن. تشدد ۽ ڪاروبار بند ڪرائڻ وارن معاملن کان هٽي ڪري، اهڙي قسم جي حرڪتن سبب کوڙ صنعتون ڪراچي کان ٻاهر منتقل ٿي ويون هيون. نتيجي طور بيروزگاري ۾ واڌ ٿي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي اثر رسوخ هيٺ پنهنجن ماڻهن کي سرڪاري ملازمتون ڏياريون. 1990ع ۾ اسان سمجهيو پئي ته اسان جو ملڪ هاڻي ٻه پارٽي نظام تي پهچي ويو آهي جتي هڪ پاسي پيپلز پارٽي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ (نواز) واري واري سان اقتدار ۾ اينديون ۽ فوج ۽ عدليا جو ڪردار گهٽجي ويندو. ايم ڪيو ايم بادشاهه ٺاهيندڙ جو ڪردار ادا ڪيو پر شيون ڪيترو نه جلدي تبديل ٿي سگهن ٿيون.