سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

بلوچستان کي سينيٽ چيئرمين شپ مبارڪ هجي

ايڊيٽوريل
سينيٽ جي چونڊن جو وڏو معرڪو آخر پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، پر ان جي پڄاڻي هن ڀيري بلوچستان کي چيئرمين شپ ڏيڻ سان ٿي، بلوچستان جي ضلعي چاغي سان تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين ۽ سليم مانڊي والا ڊپٽي چيئرمين طور ڪامياب ٿيا، ٻنهي سينيٽ جي اهم عهدن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ جيڪا مشترڪه ڳالهه آهي اُها اِهِا آهي ته صادق سنجراڻي ۽ سليم مانڊي والا جي ڪاروبار جو واسطو بلوچستان سان آهي ۽ ٻنهي يوسف رضا گيلاني جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي. ڪجهه وقت اڳ اوچتو جڏهن بلوچستان ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي ۽ نواز ليگ جي صوبي ۾ قائم ٿيل حڪومت اوچتو لڏندي اچي ڦهڪو ڪيو ۽ وزير اعليٰ نواب ثناءَ الله زهري کي آخرڪار صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻي پئي، بلوچستان مان مسلم ليگ (ن) جي تڏا ويڙهه جو سڀ کان وڏو سبب صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پاران پنهنجن ئي پارٽيءَ جي ايم پي ايز ۽ وزيرن کي اهميت نه ڏيڻ ۽ اقربا پروري ۽ پنهنجن کي نوازڻ وارو رويو هو ۽ صورتحال ايتري تائين خراب ٿي وئي جو نواز ليگ جي پنهنجن ئي پارٽي جي ايم پي ايز ۽ وزيرن پنهنجي ئي وزير اعليٰ خلاف بغاوت ڪئي ۽ سڀئي گڏجي کيس هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ تيار ٿيا، صورتحال جي سنجيدگي سمجهندي نواب ثناءَ الله زهري پاڻ لاءِ استعيفيٰ کي بهتر سمجهون ۽ اهڙي طرح بلوچستان ۾ ڇڪتاڻ ته ختم ٿي پر عبدالقدوس بزنجو جي وزير اعليٰ ٿيڻ سان ملڪي سياست ۾ به ڄڻ ته تبديلي اچي وئي، اهڙي تبديلي اڄ سينيٽ جي صورت ۾ سڀني جي سامهون آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نواب ثناءَ الله زهري نه هٽي ها ۽ عبدالقدوس بزنجو وزير اعليٰ نه ٿئي ها ته سينيٽ جي صورتحال اڄوڪي نه هجي ها، ان سڄي سياسي وايومنڊل ۾ مسلم ليگ (ن) جي ناڪام پاليسي ۽ نابالغ سياست جو وڏو عمل دخل آهي، جنهن ۾ ليگي قيادت پاران سمورو ڌيان پنجاب طرف هجڻ آهي، جڏهن ته سندن ئي بلوچستان ۾ قائم حڪومت کي هنن ڄڻ مسخري سمجهو هو، نتيجي ۾ اڄ کين وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. پيپلز پارٽي پاران سينيٽ چيئرمين شپ جو اهم عهدو بلوچستان صوبي کي ڏيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو نهايت ئي ساراهه جوڳو آهي، اڳ به پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري صدر هجڻ جي حيثيت ۾ صوبي مان احساسي محرومي ختم ڪرڻ لاءِ نهايت ئي برجسته ۽ اهم قدم کنيا هئا ۽ اڄ وفاق ۾ نه هوندي به پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت پاران بلوچستان جي احساسي محرومي ختم ڪرڻ ۽ اتي جي عوام کي هن ملڪ جو اهم ترين عهدو ڏئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته بلوچستان به پاڪستان لاءِ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جو به اوترو ئي حق آهي، جيئن ٻين صوبن جي عوام جو آهي، اهڙي فيصلي سان بلوچستان ۾ جيڪا پيدا ٿيل سورش ۽ محرومي آهي، ان کي ختم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو سينيٽ جي چيئرمين شپ بلوچستان جي حصي ۾ وئي آهي، جيڪو قدم ملڪ جي وڏين پارٽين کي اڳ کڻڻو هو، جيڪو هاڻ کنيو ويو آهي، تنهن هوندي به اهو سنئوڻ سٺو آهي، جيستائين صادق سنجراڻي جي سياسي ڪيريئر ۽ هڪ ڪاروباري شخص هجڻ جو تعلق آهي ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو پنهنجي ڪيريئر دوران اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ سان ويجهي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻين اهم عهدن تي به ڪم ڪري وڏو تجربو حاصل ڪندڙ ماڻهو آهي، يقينن موجوده صورتحال ۾ هو نه رڳو سينيٽ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو پر ننڍن صوبن ۾ جيڪا احساسي محرومي آهي يا ان حوالي سان جيڪا به سينيٽ ۾ قانون سازي ٿيندي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، گڏو گڏ سليم مانڊي والا به هڪ ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ کيس اهو ادراڪ آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال ڪيئن بهتر ڪجي، تنهنڪري انهن ٻنهي جي جوڙي جيئن ته واپار سان گهڻي لاڳاپيل آهي اميد ته هو سينيٽ ۾ وڏن عهدن تي رهي ملڪ جي نه رڳو معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا پر گڏو گڏ بلوچستان، سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پڻ قانون سازيءَ ۾ مدد ڏيندا.