ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

جناح اسپتال مان انتظاميا جي شڪايت تي ڪوڙي ليڊي ڊاڪٽر گرفتار

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: پوليس جناح اسپتال مان ڪوڙي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتارڪيوآهي،پوليس اختيارن موجب جناح اسپتالي جي عورت واري وارڊ ۾عائشه نالي عورت گذريل هڪ سال کان بطورڊاڪٽرنوڪري ڪري رهي هئي،جڏهن ته اهاعورت صرف ميٽرڪ پاس هئي،سيڪيورٽي عملي جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي۽ڊاڪٽرکي گرفتارڪيوآهي،ايس ايڇ اووومين پوليس سيده غزاله جوچوڻ هوته پوليس جڏهن جناح اسپتال جي عورت واري وارڊپهتي ته اهاعورت اتي موجود هئي،جڏهن پوليس هن کان سوال جواب ڪياته هوپوليس کي مطمئن نه ڪري سگهي۽اعتراف ڪيوته هوميٽرڪ پاس آهي۽گذريل هڪ سال کان بطورڊاڪٽرعورتن جي وارڊ۾نوڪري ڪري رهي آهي پوليس جوچوڻ هوته اها عورت جي بيگ مان دوائون ۽بلڊپريشر ۽ دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪرڻ وارااوزار به ملياآهن،پوليس شڪ ظاهرڪيوآهي ته ڪوڙي ڊاڪٽرجوتعلق نئوان پيداٿيندڙٻاراغوا ڪرڻ واري گروپ سان ٿي سگهي ٿو۽عورت غيرقانوني آپريشنز۾به ملوث آهي جڏهن ته پوليس جوچوڻ هوته ڪوڙي ڊاڪٽروٽ ليڊي هيلٿ وزيٽر۽دائي جوبه ثبوت ناهي