اربع 19 ڊسمبر 2018ء

آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ملاقات

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه سان ايراني وزيرخارجه جواد ظريف ملاقات ڪئي جنهن گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت پاڪ ايران تعلق تي تفصيلي طورتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .پاڪ فوج واري شعبي تعلق عامه (آءِ ايس پي آر)موجب اڱاري ڏينهن ايراني وزيرخارجه جواد ظريف جي ايڇ ڪيوراولپنڊي جودوروڪيوجتي هن يادگارشهيدن تي گلن جي چادرچڙهائي۽آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾پاڪ ايران تعلق ۾بهتري سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.