سومر 18 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

ڀارت ۾ بم ڌماڪو، 09 فوجي مارجي ويا، 10ڄڻا زخمي

ويب ڊيسڪ: نئين دلي: ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ بم ڌماڪي سبب 9 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا موجب رياست ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي سڪما ۾ ڀارتي فوج جي بم پروف گاڏي ايم پي وي کي باردوي سرنگ سان اڏايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 9 فوجي مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين کي هيليڪاپٽر وسيلي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڪستارام جي علائقي ۾ نيم فوجي سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي آر پي ايف) طرفان مائو باغين خلاف آپريشن ڪيو پئي ويو ان دوران هڪ فوجي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. ڀارتي اختيارين واقعي جو الزام مائو باغين تي مڙهيندي ٻڌايو ته حملي آورن هڪ کان وڌيڪ باردوي سرنگون وڇايون هيون، مارجي ويل سمورين فوجين جو تعلق سي آر پي ايف جي 212 هين بٽالين سان هو. حڪومت واقعي کانپوءِ ڇتيس ڳڙهه رياست ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا سوال اٿاريو آهي ته مارجي ويل اهلڪار بم پروف گاڏي مائن پروٽيڪٽڊ وهيل ۾ سوار هئا جيڪا ان حملي ۾ ڪيئن تباهه ٿي وئي.