ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

يمن جي شهر عدن ۾ فوجي مرڪز تي حملو، 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي

ويب ڊيسڪ: عدن: گهرو ويڙهه جي شڪار ملڪ يمن جي شهر عدن ۾ هڪ فوجي مرڪز تي ڪيل ڪار حملي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. اتر عدن ۾ جنهن فوجي چوڪي کي نشانو بڻايو ويو، اهو فوجين جي کاڌي پيتي جو هنڌ هو. حملي جي ذميواري “اسلامڪ اسٽيٽ” قبول ڪري ورتي آهي. هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته يمن ۾ سعودي عسڪري اتحاد ۾ شامل گڏيل عرب امارتن جا فوجي 2015ع کان مختلف فوجي آپريشنز ۾ شريڪ آهن.