سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

خام مال

امر جليل
اوهان، مان ۽ اسان جهڙا سڀ ماڻهو پاڪستاني سياست جو خام مال آهيون. خام مال جو مطلب سمجهو ٿا نه اوهان؟ هلو هڪ ٻن مثالن سان اسان خام مال جي اصطلاح کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اوهان مٺائي کائيندا آهيو نه؟ جيڪڏهن ڪنهن ڪارڻ نه به کائيندا هجو پوءِ به اوهان مٺائي جو نالو ضرور ٻڌو هوندو. سُٺين شين کي گڏائڻ سان مٺائي ٺهي ٿي. جزن مان مراد گيهه، کنڊ، پستا، بادام، اخروٽ، بيسڻ، سوجي وغيره ۽ انهيءَ نوعيت جون ٻيون شيون جن سان لذيز مٺائي ٺهي ٿي، انهن شين کي خام مال چون ٿا. جُزا يعني خام مال اعلى هوندو ته پوءِ نتيجي طور مٺائي به تمام سُٺي ٺهندي. اوهان ناقص گوشت، ڳريل سڙيل بصر، ٽماٽن، بدبودار ڏهي، پاروٿن مصالحن ۽ چانورن سان ذائقيدار برياني نه ٿا ٺاهي سگهو. اهڙي طرح ناقص ڀاڻ سان سُٺا فصل نه پوکجندا. اسان يعني اوهان ۽ مان سياسي خام مال آهيون. اسان منجهان حڪومتون ٺهن ٿيون. اسان جيڪڏهن پڙهيل لکيل، سمجهدار ۽ سُٺا هونداسين ته پوءِ نتيجي طور حڪومت به سُٺي ٺهندي. اسان جيڪڏهن جاهل، بدڪردار ۽ ويڪائو مال هونداسين ته پوءِ اسان جي حڪومت به پنهنجا نوازي، رشوت خوري، چوري، ڦرلٽ، ۽ ملڪ جي خزانن تي ڌاڙا هڻندڙن جي حڪومت هوندي. قاتل، ڦورو ۽ ٻيا ملڪ جي شهريت رکندڙ اسان جا حڪمران ٿي وڃن ٿا. حڪومت اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرن، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽرز ٺاهين ٿا. ڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان، پنهنجي ڏڍ تي اسيمبلي ۾ وڃي ڪري ويهي نه ٿو سگهي. ان کي ووٽ ڏئي ڪري، پنهنجو نمائندو ٺاهي ڪري اسان اسيمبلي جي ايوانن ۾ اماڻيون ٿا. اوهان جي ۽ منهنجي ووٽ سان مخصوص ماڻهو اسيمبلي ميمبر ٿين ٿا. اُهي ئي ماڻهو حڪومت ٺاهين ٿا ۽ اسان جا حاڪم ٿي وڃن ٿا، مان ڪنهن به حڪومت سان لاڳاپيل وزير وغيره کي برو ڀلو ناهيان چوندو. مان پاڻ کي برو ڀلو چوندو آهيان. پاڻ کي پٽيندو آهيان، منهنجا حڪمران منهنجن پنهنجن خراب ڪمن جو ميوو هوندا آهن. ووٽ ڏيندڙن کي ٿورو ٿورو عقل اچڻ لڳي ٿو. اسان جي ووٽ جي ڏڍ تي اسيمبلين ۾ وڃي ڪري ويهندڙ اسان ووٽ ڏيندڙن سان اڪثر وعدي خلافي ڪن ٿا. اسان سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا. اسان کي دوکو ڏين ٿا تنهنڪري اسان ووٽ ڏيندڙن پنهنجي تحريڪ هلائي ڇڏي آهي. اوهان جڏهن چاهيو ان تحريڪ جا ميمبر ٿي سگهو ٿا. تحريڪ جو نالو آهي ووٽ ڏيندڙن جا بنيادي حق (Basic Rights of the Voters) پنهنجي تحريڪ ۾ شامل نقطن کي اسان پاڪستان جي آئين جو حصو بنائڻ چاهيون ٿا پر ڇا ڪريون پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هلائيندڙن وٽ پڇتائڻ کان علاوه ڪجهه ناهي هوندو. اسان ووٽر پنهنجن حقن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهيون ٿا. بلڪه ائين چوڻ درست هوندو ته اسان آئين ۾ پنهنجن بنيادي حقن کي داخل ڪرائڻ چاهيون ٿا. نقطا ۽ نقطن جي وضاحت ڪرڻ کان اڳ مان اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جن ماڻهن کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪري اسيمبلي جي ايوانن تائين پهچايون ٿا، اُهي ماڻهو اسان ووٽ ڏيندڙن جي نقطن سامهون سينو تاڻي ڀت بڻجي بيهي رهن ٿا. هاڻي اوهان اسان ووٽرن جي نقطن ۽ نقطن جي وضاحت ٻُڌو. اسان ووٽر هڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏئي ڪري، پنهنجو نمائندو بڻائي اسيمبلي ۾ ويهاريون ٿا. ان لحاظ کان اسان ان ايم اين اي يا ايم پي اي جا باس (Boss) هوندا آهيون. جهڙي طرح مالڪ ڪنهن ملڪ، ڪارخاني، فيڪٽري، ڪاروباري اداري، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ صنعتي اداري ۾ انجنيئر لڳائي سگهن ٿا ۽ ناقص ڪارڪردگي جي بنياد تي انهن کي ملازمت تان فارغ ڪري سگهن ٿا. بلڪل اهڙي ريت اسان ووٽرن کي اختيار هجڻ گهرجي ته اسان جنهن ماڻهوءَ کي ووٽ ڏئي ڪري اسيمبلي ۾ ويهاريون ٿا ان ماڻهو کي ناقص ڪارڪردگي جي بنياد تي پنهنجو ووٽ واپس وٺي ڪري اسيمبلي جي ايوانن مان ڪڍي سگهنداسين، ڪهڙي خرابي آهي ان نقطي ۾؟ سڌي ڳالهه آهي، فلسفو نه آهي. اسان جيڪڏهن ووٽ ڏئي سگهون ٿا، ته پنهنجو ووٽ واپس به وٺي سگهون ٿا. آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته اسان ووٽر ووٽ ڏيڻ کانپوءِ پنهنجا هٿ ڪٽي ڇڏيون ٿا. ووٽ ڏيڻ کانپوءِ کوهه ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيون ٿا. ووٽ ڏيڻ کانپوءِ اسان ووٽر ڇا پنهنجن سمورن حقن کان محروم ٿي وڃون ٿا؟ آئين اسان کي پنجن سالن بعد وري ووٽ وجهڻ جو حق ڏئي رکيو آهي. اسان جو مطالبو صرف ايترو آهي ته اسان جيڪڏهن غلط فيصلو ڪندي غلط ماڻهو کي پنهنجو نمائندو بڻائي اسيمبلي جي ايوان ۾ ويهاري ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان کي اهو حق هجڻ گهرجي ته ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسيمبلي ميمبر خلاف ووٽ وجهي ڪري ان کي اسيمبلي جي ايوان مان ڪڍي ڇڏيون. پنجن سالن تائين اهڙي ماڻهو کي برداشت ڪرڻ چريو ڪرڻ برابر آهي. ان هڪ نقطي کي آئين جي شق بنائڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته اسان جا نمائندا چوڪس رهندا، شوق سان ڪم ڪندا، اسان ووٽ ڏيندڙن کي جهڙو تهڙو نه سمجهندا. اسيمبلي جي آرامده ماحول ۾ ويٺل ميمبر جڏهن ڄاڻيندا ته ووٽ ڏيندڙ ووٽ ڏئي ڪري انهن کي جيڪڏهن اسيمبلي جي ايوانن تائين پهچائي سگهن ٿا ته اُهي ئي ووٽر پنهنجو ووٽ واپس وٺي ڪري انهن کي اسيمبلي مان ٻاهر به ڪري سگهن ٿا. جزا ۽ سزا سان روين ۾ وڏي تبديلي اچي ٿي. مڃيوسين ته ووٽ ڏيندڙ اسان خاص پڙهيل لکيل ناهيون هوندا. اسان جو تمام وڏو تعداد اڻپڙهيل به ناهي هوندو پر اسان سوچ سمجهه رکندا آهيون. اسان ڄاڻون ٿا ته اسيمبلي ۾ ويهندڙ ماڻهو قائدا قانون ٺاهين ٿا. آئين ۾ واڌ ۽ ترميمون ڪن ٿا. اسان ڄاڻون ٿا ته اهو ڪم اڻ پڙهيل، معمولي پڙهيل لکيل، ۽ صرف پڙهيل لکيل ماڻهو نه ٿا ڪري سگهن. ميٽرڪ فيل، مڊل پاس، انڊر پاس ميمبر ملڪ نه ٿا هلائي سگهن ۽ جڏهن هلائين ٿا ته هر شي کي بگاڙي ڇڏين ٿا، اسان ووٽ ڏيندڙ اڻ پڙهيل ئي سهي، اسان جو مطالبو آهي ته اسيمبلي ۾ ويهندڙ اسان جا نمائندا پڙهيل لکيل هجن. ڇا اهو مطالبو ناجائز آهي؟ اسان ووٽ ڏيندڙن جو مطالبو آهي ته اسيمبلي ميمبر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻ کان علاوه پنهنجي تعليم ۽ تربيت بابت به ٻُڌائين. نه ته وري ڪنهن دفتر ۾ ڪلرڪ ٿيڻ لاءِ بي اي پاس هجڻ جي شرط کل جوڳي لڳي ٿي.