سومر 23 جولائي 2018ع

ستار ادبي ڪانفرنسز ۾ شموليت

ستار پيرزادو
سوچيان ٿو ته مون جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي ته ڪيترين ئي ادبي ڪانفرنسز ۽ سيمينارز ۾ شموليت ڪئي اٿم. مون سڀ کان اول خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي عرس مبارڪ جي حوالي سان ڪيل ٽن ڪانفرنسز ۾ شموليت ڪئي، جيڪي لواري شريف ۾ لواري شريف ادبي سنگت جي دوستن رٿيون هيون انهن ۾ خواجه محمد زمان جن جي شاعريءَ تي مضمون پڙهيا هئم. اهڙيءَ طرح وري ڏوڪريءَ ۾ به رٿيل ڪانفرنس ۾ مون ٻه ڀيرا مقالا پڙهئا. هڪڙي ٿر جي ڪنهن ڳوٺڙي ۾ ڪانفرنس هئي، اتي به مون واتين وڻين ڳالهايو هو. هي ٽئي ڪانفرنسز جيئن ته لواري شريف جي جماعت جي سرڪردن ڪوٺايون هيون، انڪري انهن ڪو وڏو خرچ نه ڪيو هو ۽ انهن پڙهيل مقالن کي به سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻي نه سگھيا هئا. انهن ڪانفرنسز ۾ نه ڪو صدر ۽ نه ئي ڪو خاص مهمان ئي هوندو هو. تنهن ڪري نه ڪو سرٽيفڪيٽ ۽ نه ڪا شيلڊ ئي ڏني ويندي هئي. مون پنهنجا مضمون ته روزانه عوامي آواز ۾ تڏهن ئي ڇپرائي ڇڏيا هئا. سامي، اصل ۾ ڀائي چئنراءِ لُنڊ، سنڌي ادب جي ٽمورتي، يعني،’شاهه، سچل ۽ سامي‘، انهن مان هڪڙي مورتي آهي. ان بابت ڪانفرنس ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ ماهوار پريم ساگر جي وشا رام ڪوٺائي هئي. ان جي لاءِ مون کي ولي رام ولڀ، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اديب ۽ ترجمي جو ماهر آهي، انڪري سندس لاڳاپا سنڌيءَ جي مڙني اديبن سان ڪافي گهرا هجڻ ڪري، کيس اديبن سان رابطو ڪري، کين مقالا لکڻ جي لاءِ چيو ويو هو. مون به ان جي چوڻ تي، ساميءَ تي، ’ساميءَ جي شاعريءَ ۾ دردوند داتار‘ جي عنوان سان مقالو لکيو هو. اتي پڙهڻ کان پوءِ اهو مقالو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل’ڪينجھر‘ ۾ ڇپيو هو. ان سيمينار جو خاص مهمان، رهڙڪي صاحب جو گرو سڌارام هو. جڏهن ته لکي اچڻ وارا جھجھا ئي هئا. مون به انهن ۾ پنهنجو مقالو پيش ڪيو هو. منهنجو تحقيقي مقالو هو. ان سيمينار ۾ مون کي پاکر ۽ شيلڊ به ملي هئي. هڪ ڏهاڙي گھر ۾ هوس ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لاڙڪاڻي مان فون ڪري، خير عافيت پڇڻ کان پوءِ چيو هئائين ته: هتي لاڙڪاڻي ۾ صفدر عباسي ولد ڊاڪٽر اشرف عباسي، ’ڪلهوڙا عباسي ڪانفرنس‘ ڪرائي رهيا آهن. ان ڪانفرنس جي لاءِ اوهان تنوير عباسيءِ تي لکي موڪليو. مون تنوير کي وري ٻيهر پڙهيو ۽ کيس هڪ مقالو لکي موڪليو. پر بيحد افسوس جو مان ان ڪانفرنس ۾ شامل ٿي نه سگھيو هوس. ان جو ٻيو ڪو به سبب نه هو پر اها ڊاڪٽر در محمد جي سستي ڀانئجي جو ڪوٺ ڪارڊ پوسٽ رستي موڪليائين پر مون سان رابطو نه ڪيائين، نه ئي وري طئه ٿيل تاريخ بابت ڪا ڄاڻ ڏنائين. گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڏينهن ئي اڳ رابطو ڪري اچڻ جو پڇي ها ۽ منهنجي رهائش جي باري ۾ ٻڌائي ها، بهرحال ان ڪانفربس جو احوال ۽ منهنجي دوست منور ابڙو ڏنو ۽ ان ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيڻ جي باوجود مون کي اکين ڏٺو احوال مليو ۽ هو دوست مهرباني ڪري منهنجي شيلڊ به کنيو آيو هو. وري هڪڙي ڏينهن ڊاڪٽر عبدالڪريم ادل سومروخيرپور يونيورسٽيءَ مان فون ڪري چيو ته، اسان ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران ’شيخ اياز‘ تي ٻه ڏهاڙي ڏيهي ڪانفرنس ڪوٺائي رهيا آهيون. ان ۾ اسان انهن سڀني دوستن کي ڪوٺي رهيا آهيون جن شيخ اياز تي ڪم ڪيو آهي. اوهان به شيخ اياز جي ڪهاڻين جو ترجمو ڪيو ۽ ڇپرايو به آهي، ان لاءِ اوهان کي ڪوٺ ٿي ڏجي، پر شيخ اياز تي ڪو مضمون به پڙهجو. پروگرام واري رات جو مان سکر وڃڻ جي لاءِ سهراب ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ بس جي انتظار ۾ بس اسٽينڊ تي خيرپور وڃڻ جي لاءِ ويٺو هوس ، ته ٿوري دير کان پوءِ ٻه مسافر هڪ مرد ۽ ساڻس هڪ عورت آيا ۽ مون سان مسافر خاني ۾ اچي ويٺا. انهن مان مرد مون سان مخاطب ٿيو ۽ مون کان ڪيڏانهن وڃڻ جو پڇيائين. مون وراڻيس ته مان خيرپور وڃي رهيو آهيان، ته هن يار چيو ته هو به خيرپور يونيورسٽي وڃي رهيا آهن ۽ شيخ اياز ٻه ڏهاڙي ڪانفرنس ۾ وڃي رهيا آهن، ته مون به کين اهو ئي چيو ته مان به ان ڪانفرنس ۾ مدعو ٿيل آهيان. پوءِ ته ٽئي ساڳئي ڪم خاطر وڃي رهيا هئاسون. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ خبر پئي ته هو نصير سومرو، ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ جو پروگرامس پروڊيوسر هو ۽ اها عورت ڊاڪٽر خورشيد عباسي هئي، جنهن جي لاءِ مون کي ڊاڪٽر نواز علي شوق اهو چيو هو ته هوءَ شيخ اياز جي نثر تي پي.ايڇ.ڊي. ڪرڻ ٿي گھري، توهان هن جي مدد ڪريو. مون کيس ته هائوڪار ڪئي پر اها عورت ڪڏهن مون وٽ مدد جي لاءِ ڪانه آئي، نه ڪڏهن مون کي ڪو فون رستي ئي مدد جي لاءِ چيائين، ڪجھه عرصي کان پوءِ مون کي خبر پئي ته هن مقالو لکي پورو به ڪيو ۽ کيس ڊگري به ملي وئي. ڳالهه ته خيرپوروڃڻ جي هئي، اسان صبح جو سوير سکر واري بس مان خيرپور موڙ تي لهي، رڪشا ڪري وڃي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ پهتاسون. اسان جي ادل سومرو۽ ڪجھه ٻين دوستن آجيان ڪئي ۽ پوءِ اسان کي پنهنجي پنهنجي رهائش تي پهچايائون. مون کي جتي رهايو ويو اتي اڳ ئي ڪرن سنگھ ترسيل هو، جو هن به شيخ اياز جي ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ‘ جو ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو هو. ڪرن سنگھه اصل ۾ ميرپور خاص جو ويٺل آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائيندو آهي. پاڻ به ليکڪ آهي، سنڌي چڱيءَ طرح لکي. پڙهي ۽ ڳالهائي سگھندو آهي. اسان هٿ منهن ڌوتو ته اسان کي نيرن جو سڏ ٿيو.نيرن ڪرڻ کان پوءِ اسان کي ڪانفرنس هال ۾ وٺي ويا، جتي پهريون افتتاحي اجلاس ٿيڻو هو.ڪانفرنس جو افتتاح يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ ڪيو. اهو اجلاس ڪافي ڀرپور ٿيو، ماڻهو به ڪافي آيل هئا. ان کان پوءِ مانجھاندو ڪيو ويو ۽ ٻيواجلاس شروع ٿيو. اهو پورو اجلاس مقالن جو هو. اها ڪانفرنس ٻه ڏهاڙا هلي، مون کي ٻئي ڏهاڙي جي ٻئي سيشن ۾ پڙهڻ جي لاءِ چيو ويو، مون به هڪڙو مختصر مضمون لکيو هو اهو پيش ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ ڪافي نون ماڻهن سان واقفيت ٿي، پر اتي هڪ نئين ڳالهه نظر آئي جو هڪڙو آرٽسٽ هو جنهنجو نالو وسري ويو اٿم، هن يار شيخ اياز جي شاعرِيءَ تي سٺا اسڪيچز به ٺاهيا هئا، جيڪي مون کي ڪافي پسند آيا هئا. وري هڪڙي ڏهاڙي آفيس ۾ ويٺو هوس ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرزا قلچ بيگ چيئر مان ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو جو خط مليو. خط ۾ مرزا قلچ بيگ جي لکڻين تي ٻه ڏهاڙا ڏيهان ڏيهي ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ چيل هو، ان ۾ ڪنهن به موضوع تي مرزا قليچ بيگ تي مقالو لکي موڪلڻ جو چيل هو ۽ ان ۾ ان لاءِ آخري تاريخ به ڄاڻايل هئي. پر مون اهو سوچي ته مقالو موڪلڻ ۾ ته اڃان وقت پيو آهي، پوءِ موڪليندس. اهو سوچي مون وقت وڃائي ڇڏيو، اهو پهريون موقعو هو جو مون کي ڪنهن يونيورسٽيءَ جي کوجنا تحت اداري مقالو لکي اچڻ جي لاءِ چيو هو. ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو به اسان جي پاسي جو آهي، تنهن ڪري پيرزادن سان بهتر نموني ملندو جلندو به آهي ۽ هن ڀيري مون کي اهڙي ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ جي دعوت ڌني هئائين .خط ته پڙهي مون ٽيبل جي خاني ۾ رکي ڇڏيو هو ته اڃان ٻه ٽي مهينا پيا آهن. تنهن ڪري مون خط رکي ڇڏيو. مون کي هي پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ جو چيو ويو هو. مون کان وري ڳالهه ته وسري وئي هئي.جڏهن ان ڪانفرنس ۾ باقي وڃي ڪي ڏينهن بچيا هئا ته هڪ ڏينهن مون کي اهو خط ياد آيو. تڏهن وڃي ڪجھه ڪتاب وٺي آيس ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’سنڌي وڏو ويا ڪرڻ‘ تي لکڻ جي تياري ڪيم ۽ ڪجھه ئي ڏينهن ۾ اهو لکي به ورتم، پر جڏهن مون ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو کي اهو مضمون ڏياري موڪلڻ جي لاءِ فون ڪري پڇا ڪئي ته هن يار وراڻيو ته مقالا موڪلڻ جي ته تاريخ گذري وئي آهي، پر وري به اوهان اچجو ۽ مقالو کڻي اچجو، پوءِ ڏسنداسون. اهو ڊسمبر جو مهينو هو، مان مقرر تاريخ واري رات جو ڄام شورو پهچي ويس ته سڌو آرٽس فيڪلٽي هليو ويس. پڇا ڪرڻ تي خبر پيم ته ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو اتي موجود هو. مان هن سان وڃي مليس جيڪو ڪم جي نگراني ڪري رهيو هو. مون سان مليو ۽ هڪڙو ماڻهو ڏنائين جنهن مون کي هلي رهائش واري هاسٽل تي پهچايو. اتي اڳ به ڪجھه مهمان ترسيل هئا. رات اتي گذاري ۽ صبح جو ناشتو ڪرڻ کان پوءِ اسان مهمانن کي هڪڙي ڪوچ کڻڻ آئي، جنهن ۾ مون ڏٺو ته ڪجھه ايراني مندوبين ويٺل هئا. مون کي خيال آيو ته ڇو نه هنن يارن کان آٽوگرف وٺجي. مون سڀني کان آٽوگراف ورتا پر انهن ۾ هڪڙو ڪو شاعر هو، هن مون کان نالو پڇيو ته مون ٻڌايس ته هن هڪدم هڪڙو قطعو منهنجي تعريف ۾ لکي پوءِ آٽوگراف ڏنو. ٿورو وقت هيڏي هوڏي واجھائڻ کان پوءِ مون کي ڊاڪٽر ادل سومرو نظر اچي ويو. هن جي ڀر وڃي ورتم پر هويار نه ڄڻ ڇو گوهي ڏئي ڪنهن پاڻ جهڙي ڏانهن کسڪي ويو۽ مان اهو ئي . . . . . . . (بقايا صفحي نمبر 11 تي) هيکلو رهجي ويس. نيٺ ڪانفرنس جو افتتاحي اجلاس شروع ٿيو. افتتاح وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ڪيو. پوءِ چانهه جو وقفو ٿيو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ مقالا پڙهڻ جو اجلاس شروع ٿيو. اتي اهو ٻڌايو ويو ته هند مان محققن کي ويزا نه ملڻ ڪري اهي شامل نه ٿي سگھيا. جنهن تي حڪومت تي ملامت ٿي. مانجھاندي کان پوءِ وري ٽيون اجلاش شروع ٿيو ۽ ان کان پوءِ رات جي ماني هئي ۽ پوءِ راڳ جو بندو بست ٿيل هو. رات جو دير سان وڃي هاسٽل تي آرامي ٿياسون. ٻئي ڏينهن جو اجلاس صبح جو رٿيل هو ۽ ان جي خاص مهمان قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽرفهميده ذوالفقار مرزا هئي ۽ ساڻس گڏ سندس ور ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تڏهوڪو سنڌ حڪومت جو هوم منسٽر هو. جيڪو پاڻ به مرزا قليچ بيگ جي خاندان مان هو. هو پهرئين اجلاس پوري ٿيڻ کان پوءِ واپس هليا ويا هئا. مون کي ٻئين اجلاش ۾ رکيو ويو هو. هن اجلاس ۾ عمراڻي ۽ ڊاڪٽر تهمينه مفتي به مون سان گڏ شامل هئا. هر ڪنهن کي پڙهڻ جي لاءِ ڏهه منٽ ڏنا ويا هئا، جو سڄو مقالو پڙهڻ ۾ وقت وڌيڪ درڪار هو. اسان ڪل ڏهه ڄڻا هئاسون. ٻئين اجلاس کان پوءِ مقالا پڙهڻ وارن کي سرٽيفڪيٽ ۽ اجرڪ ٽوپيءَ جو تحفو ٿي ڏنائون، اهو تحفو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پاران هو. اهي به وي.سي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڏنا ويا. شام جو حيدرآباد جي هڪڙي ڪاليج ۾ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڊرامو’ انڪواري آفيسر‘ منچ تي پيس ڪيو ويو، جيڪو ماڻهن ڪافي ساراهيو ۽ اداڪارن ڪافي محنت ڪري اهو ڊرامو پيش ڪيو هو. ان جو پروڊيوسر نصير مرزا هو. رات جي ماني پڻ ذوالفقار مرزا جي پاران هئي ۽ ان کان پوءِ راڳ جي محفل هئي. هڪڙي ڏهاڙي آفيس ۾ ويٺو هوس ته دوست راحت سعيد، انجمن ترقي پسند مصنفين جي صدر، ٽه –ماهي ’ارتقا‘ جي روح روان ۽ ارتقا سوشل سائنسز جي مهندار جي فون آئي. جنهن چيو ته اسان انجمن ترقي پسند مصنفين جي پاران هڪ ٻه ڏهاڙي ڏيهي ڪانفرنس ٿا ڪرايون، اوهان ’سنڌي شاعريءَ تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر‘، تي مقالو لکو. ڪانفرنس ايندڙ مهيني ۾ عمر ڪوٽ ۾ ڪندا سون، جو اتي اڪبر لغاري ڊي.سي آهي، ان بندو بست ڪرايو آهي. نيٺ اجلاس جو ڏينهن به اچي سهڙيو جنهن لاءِ هنن هڪڙو ڪوچ ڀاڙي تي ڪيو هو. اسان جو سونهون ڪرن سنگھه هو.جيڪو اصل ميرپورخاص جو ويٺل آهي ۽ هي تر هن جو لتاڙيل هوس. رات جي ماني کائي هنن يارن سنڌي ۽ اردو مشاعري جو احتمام ڪيو. مشاعري ۾ اتي جي مقامي شاعرن به حصو ورتو ۽ سنڌي شاعرن پاڻ خوب ملهايو. ٻئي ڏهاڙي ڪانفرنس هئي. ان ۾ مقالا به سنڌي گھڻا ٿي ويا هئا، انڪري راحت سعيد مون کي وينتي ڪئي ته مان اردوءَ ۾ پڙهان. جيتوڻيڪ مان لکي ته سنڌيءَ ۾ ويو هوس، پر ان کي ڏسي اردوءَ ۾ تز ترجمو ڪندو ٿي ويس. مانجھاندي کان پوءِ عمر ڪوٽ گھمائڻ جو رٿيو ويو هو. اسان جو هي پهريون ڀيرو هو عمر ڪوٽ ڏسڻ جو. اول ان جاءِ تي وٺي هليا جتي اڪبر بادشاهه جي ولادت ٿي هئي. ان جاءِ تي هڪڙو ننڍڙو چبوترو جڙيل هو ۽ چوڌاري صفائي به ٿيل هئي. اتان پوءِ عمر ڪوٽ يا امر ڪوٽ گھمائڻ وٺي ويا، اهو ڪوٽ ته هاڻ سڄي جو سڄو ته بيٺل ناهي، ڪٿان ڪٿان جھريل هو باقي اتي، اهي منجنيڪون ۽ انهن ۾ استعال جا گولا به پيل هئا. ان طريقي اها ڪانفرنس پوري ٿي.