سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

موجوده سياست ۽ ڊائلاگ جو عمل

فيض جوڻيجو
سياست جي علم کي ٿورڙن لفظن ۾ جي سمجهائجي ته اهو ٿيندو ته اها سوچ جي بنياد تي جڙيل ڌڙن جو اڀياس ڪري- جڏهن ته متضاد سوچن تي ٻڌل گروپن جو جيڪو ٽڪراءُ جڙي ٿو ان ٽڪراءُ جو حل جدلياتي يعني هم آواز هڪ خيال ۽ هم راز ٿي ڪري ڪڍڻ کي سياسي سائنس چئبو آهي. مسئلي جو حل جڏهن به انسان ڪڍيو آهي ته اهو عملي طور ڪردار ادا ڪندي ڳالهه ٻولهه (ڊائلاگ) جي ذريعي ڪڍيو آهي. ٻن طاقتن (_گروپن) کي ويڙهائڻ وڏي آرٽ نه آهي بلڪه ٻن قوتن جي وچ ۾ رهي ٽيون رستو ڪڍڻ کي سياسي بصيرت چئبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياست پهرين تضادن، ٽڪرائن جو اڀياس ڪندي ڊائلاگ جو طريقو (جدلي رخ) اختيار ڪندي آهي ڇا اسان وٽ ائين ٿيندو آيو آهي؟ سوال پنهنجي جاءِ تي قائم رکو ۽ پهرين ان ٻن گروپن جي ٽڪراءُ جي نوعيت طرف اچو، اهو ٽڪراءُ جنهن تضاد جي ڪري پنهنجو اظهار ڪري ٿو، ان ٽڪراءُ کي سمجهڻ جو ذريعو معاشي لاڳاپا ۽ معاشي مفاد آهن. جيستائين اسين انهن معاشي لاڳاپن، مفادن ۽ انهن معرفت جيڪي سماجي لاڳاپا جڙن ٿا، جتان طبقاتي مفاد پنهنجو اظهار ڪن ٿا، انهن کي سمجهڻ کان سواءِ توهان ۽ اسان ڪڏهن به مسئلن جا حل ڳولي ڪو نه سگهنداسين. ان جو هڪڙو ئي ڪارڻ آهي، اهو اِهو ته هن وقت جيڪي قوتون پوري دنيا جي معاشي وسيلن تي قابض آهن، انهن جا مفاد ان ڳالهه ۾ آهن ته 80 سيڪڙو عوام کي ورهايو، ويڙهايو ۽ ڦريو. ڦُرلٽ جو هي نظام جيڪو مسلط ڪيو ويو آهي. اهو تعصب، تشدد ۽ تسلط مان پنهنجو اظهار ڪري ٿو. بلڪه جديد سامراجيت جو اعليٰ مقام تعصب، تشدد ۽ تسلط ئي ته آهي. هن نظام جي مٿاهين سڌريل شڪل ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ انسانيت جو قتل آهي. هن نظام جي اعليٰ شڪل جيڪا مسئلن جا حل ڏئي ٿي اها جنگ آهي، جيڪا مسلط ڪئي وئي آهي. جنگ کي ڪو به نالو ڏيو پر اها صرف هڪ قانون کڻي ايندي آهي. اهو آهي غريب جو موت! ۽ امير جي عزت، شرافت ۽ دولت ۾ واڌ!! جڏهن کان جنگ مسلط ڪئي وئي آهي دنيا ۾ اميرن جي واڌ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. هن ترقي جو راز توهان کي جي ڳولڻو آهي ته اهو ان امير طبقي ۾ نه ڳوليو پر هن نظام جنهن ايجنٽوڪريسي کي جنم ڏنو آهي. ان ايجنٽن جي مفادن ۽ طبقي جي مفادن جو اڀياس ڪيو ته معلوم ٿي ويندو ته مسئلا حل ڇو ڪو نه ٿا ٿين، ڇاڪاڻ جو خود مسئلا مصنوعي طور پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن ۽ گهرج پٽاندر انهن کي روڪيو ۽ تيز ڪيو وڃي ٿو. هي نظام جيڪو جوهر ۾ 49 ۽ 51 تي بيٺو آهي، اهو سماج کي ورهائڻ سيکاري ٿو پر ڳنڍڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو عوام کي ورهائڻ لاءِ هتان جون پارٽيون (جن کي گروپ ۽ ڌڙا چوان ٿو) الڳ لڳ آهن پر جوهر ۾ هو مٿين طبقي جي ميراث آهن ۽ پنهنجي طبقاتي مفاد جو دفاع ڪن ٿيون. ان جو چٽو مثال سينيٽ جي الڪيشن آهي! جتي سنڌين، ٻروچن، سرائيڪين، پٺاڻن ۽ پنجابين واري ورهاست جي آڙ ۾ ڪم اهو ئي ڪيو ويو جيڪو انهن کي ڪرڻو هو. هي سڀ طريقا پراڻا ٿي چڪا آهن پر پوءِ به انهن کي آزمايو ٿو وڃي. هن طريقن جو وري وري ورجاءُ اهو به ظاهر ڪري ٿو ته عوامي شعور اڄ به اُتي بيٺل آهي جتي ماضيءَ ۾ بيٺو رهيو پر هتي عام تجزيو ڪندڙ هڪڙي غلطي ڪندا آهن، سا اها ته هو اهو ڪو نه ڏسندا آهن ته هنن جي مقابلي ۾ ترقي پسند ڪٿي آهن؟ ٻيو ته هر اليڪشن کانپوءِ آدم شماري ۾ واڌ اچي ٿي، ووٽ به ان حساب سان وڌڻ گهرجن پر ڏٺو ويو آهي ته اليڪشن ۾ ووٽ وجهڻ وارو ريشو گهٽجندو رهيو آهي. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن نظام ۽ ان جي وهنوار خلاف نفرت جو اظهار لڳاتار وڌي رهيو آهي. ساڳي وقت ان سوچ ڪو به پليٽ فرام نه جوڙيو آهي. ان جو ڪارڻ ڪو اهو ناهي ته ڪو هن سياسي نظام جي خلاف ٻيو نظام نه آهي پر خود اهي ماڻهو پنهنجي انفرادي ڪردار اعليٰ مقام تي پڄڻ ۽ ڏوڪڙڻ جي حوس، هٻڇ ۽ چوس واري قانون تحت شامل ٿيڻ چاهين ٿا. هي هتان جو مفادپرست مڊل ڪلاس آهي! جيڪو کائڻ ڀيري گڏ باقي سمهڻ مهل ...گهر! هي ڀنگ جي موالي کان وڌيڪ بدتر آهي. هو ڀنگ پئي پنهنجو انفرادي نقصان ڪري ٿو ۽ هي حوس، هٻڇ ۽ چوس تحت انسانيت جو نقصان ڪن ٿا، ان کي اسين ايجنٽوڪريسي چئون ٿا. اسان وٽ سياست بطور علم جي ناهي پر بطور ڦرلٽ جي آهي، جتي اهو نظام هجي ڇا اُتي ڳالهه ٻولهه (ڊائلاگ) وارو نظام هوندو؟ اسان جو خيال آهي ته اسان جيڪو مٿي سوال اٿاريو هو ان جو جواب توهان کي ملي چڪو هوندو پر پوءِ به ان تي نظر وجهئون ٿا. ڳالهه ٻولهه جي ذريعي سياسي مسئلا حل ڪرڻ ۽ سماجي ترقي لاءِ گهربل ترقي خاطر جستجو ڪرڻ جو مقصد آهي سياست کي سياسي سائنس تحت سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۽ 80 سيڪڙو جي بنيادي حق يعني اظهاريت انڪاريت ۽ اقراريت کي قبول ڪرڻ! ان سان اهو ٿيندو ته پهرين خود پارٽيءَ کي انفرادي ملڪيت بجاءِ ان کي سماجي ملڪيت تحت قبول ڪرڻو پوندو، جي ائين ڪيو ويندو ته ڊائلاگ ته زنده ٿي ويندو پر رئيس، وڏيرو، سردار، چوڌري ۽ خان وغيره جيڪي سياست ۽ پارٽي جا وارٽ آهن اهي ختم ٿي ويندا! ان ڪري هو جلسن ۽ عام گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي جي خلاف جيڪو ڪريل لفظن ۾ اظهار ڪندا آهن حقيقت ۾ هو پنهنجي طبقي جي خلاف نه چوندا آهن پر اهو اڻ سڌي طرح ان بي شعور کي چوندا آهن جيڪو پنهنجا گڏيل مفاد ڇڏي انفرادي مفادن تي اچي بيٺو آهي. جڏهن سياست ۽ سياسي علم مان ڊائلاگ کي ڪڍي ختم ڪيو ويو آهي ته خود يو اين او بي اثر ٿي ويو آهي. هنن وٽ هر مسئلي جو حل جنگ آهي. جڏهن توهان ڊائلاگ جا در بند ڪري ڇڏيو ٿا ته سياست ۽ سياسي علم مري وڃي ٿو، صرف اُرهه زورائي ۽ ڏاڍ رهجي وڃي ٿو. هن بربريت واري سوچ کي هٿي ڏيندڙ خود ميڊيا آهي جيڪا سچن جي ساٿاري ناهي بلڪه اميرن جي درٻار جي اها ڪلاسڪ گائڪ آهي، جيڪا گند کي سون ۽ ڦورو کي هيرو ڪري پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجو ونڊ وٺي ٿي. هن ادارن ۾ ويٺل اجرتي غلام اجتماعي ڏک کي محسوس ڪندي به ان جو اظهار نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو ان جو بنيادي حق اظهاريت، انڪاريت ۽ اقراريت ان کان کسو ويو آهي. ان صورت حال ۾ توهان خود اهو سوچي سگهو ته اسان وٽ سياسي ڊائلاگ جو طريقو ڪاٿي آهي! هڪڙو هوندو آهي ته اهو پهرين هو پر هاڻي ختم ٿيو پر اسان وٽ ته، بلڪه پوري دنيا ۾ ان طريقي کي روڪي ان کي گهٽيو ويو آهي. ها درٻاري اهو چئي سگهن ٿا ته هتي ڊائلاگ جي آزادي آهي ۽ تبديلي ايندي. اسان جو خيال آهي ته صرف چند ماڻهن جي ڦيرڦار کان پوءِ وري ساڳيو نظام ايندو ۽ وري هوٽلن تي ويهي سياست ۽ سياسي مسئلن تي ڊائلاگ ڪئي ويندي. ان کي سنڌي ۾ چئبو آهي ساڳيا لائون ساڳيا چُگهه.