اڱارو 24 اپریل 2018ع

حڪمرانن جا تضاد

ڊاڪٽر لال خان
جدلياتي فلسفي جو هڪ بنيادي اصول اهو به آهي ته ڪيئن شيون ۽ لاڳاپا ڪنهن مخصوص معياري تبديلي سان هڪٻئي جي نفي ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. نواز شريف ۽ ن ليگ جي مريم ڌڙي خلاف ڪجهه قوتن جي يلغار صرف ان بنياد تي سمجهي سگهجي ٿي ته اُهي انهن قوتن جو نشانو ۽ انهن جا مخالف ڪيئن ٿي ويا! اهڙي طرح ڪجهه حلقن سان سدائين تضاد رکندڙ ٻي جماعت جي موجوده قيادت پارٽي کي انهن حلقن جو سڀ کان تابعدار اوزار واري ڪردار تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پر جيئن لينن چيو هو ته ”سياست، معيشت جي مرتڪز ٿيل صورت هوندي آهي“ انڪري هن سياست ۽ رياستي خلفشار جو بنيادي ڪارڻ ان بحران جي شدت آهي جيڪو هن ملڪ جي معيشت ۽ سماج کي درپيش آهي. طبقاتي ڇڪتاڻ، طبقن تي قائم ڪنهن به سماج جو لازمي جز هوندي آهي. مختلف دورن ۾ ان ڇڪ ڇڪان جي شدت کي سامهون رکي ڪري ئي حڪمران طبقا مختلف هٿڪنڊن ذريعي ڊگهي عرصي تائين ان کي ضايع يا ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو. اهي انتهائي غيرمعمولي حالتون هونديون آهن جيڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي ظاهر ٿينديون آهن. پر نوآبادياتي ملڪن جي حڪمرانن جو الميو ان کان تمام وڌيڪ هوندو آهي. پنهنجي تاريخي نااهلي ۽ ڪمزوري جي ڪري هي سماج کي ترقيءَ جي ان معيار تائين کڻي وڃڻ ۾ ناڪام رهن ٿا جتي سُڌارن وغيره ذريعي طبقاتي ڇڪتاڻ کي ڊگهي وقت لاءِ ٿڌو ڪري سگهن. نتيجي طور انهن معاشرن جي حڪمرانن مٿان هر وقت سماجي بغاوتن جو خطرو لامارا ڏيندو رهي ٿو، جنهنڪري حڪمران طبقو ماضيءَ جي رد ٿيل عقيدن ۽ تعصبن جو سهارو وٺڻ تي مجبور رهي ٿو پر پنهنجي حڪمراني کي قائم رکڻ انهن لاءِ پيچيده مسئلو بڻيل رهي ٿو. اهڙن معاشرن ۾ رياستي ادارن جو ڪردار وڌاءُ جي حد تائين وڌي وڃي ٿو. پاڪستان ان جو هڪ بهترين مثال آهي. ورهاڱي جي ستر سالن بعد حالت اڳ کان وڌيڪ خراب آهي. سماجي ارتقا جو هڪ اشارو به خوش آئنده نه آهي. دولت جي انتهائي غيرمنصفاڻي ۽ اڻبرابر ورڇ جي ڪري سماجي تفريق جون مختلف صورتون ۽ انتهائون آهن. سامراجي جبر ۽ سرمائيداراڻين مجبورين جي ڪري ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سماجي پسماندگي جي کچڻي آهي. آباديءَ ۾ واڌ جي شرح تمام گهڻي آهي. ڪلاسيڪي ارتقا ذريعي زور نه وٺي سگهڻ جي ڪري سڄو نظام مختلف تضادن جو شڪار آهي ۽ تمام گهڻي واڌو پيداوار ٺاهڻ جي صلاحيت ۾ ناڪامي جي ڪري معيشت ڏُٻري آهي. معيشت ۾ وڏي پيماني جي گروٿ جي صلاحيت نه آهي ۽ وري عالمي سرمائيداري زوال پذير آهي. معيشت ڪمزور ۽ ڏُٻري آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٺوس ۽ مستحڪم بنيادن تي مضبوط هجڻ بدران عارضي ۽ ڪمزور ٽيڪن تي هلي رهي آهي پر ملڪي تاريخ ۾ جڏهن به مخصوص مقامي ۽ عالمي حالتن جي ڪري معاشي ترقي ۾ واڌ ٿي آهي. ان ايترن ئي گهرن ۽ شديد سماجي تضادن کي اڀاريو آهي. انهن ئي ڪارڻن جي بنياد تي 69_1968ع جي تحريڪ ڦاٽ کاڌو هو، هاڻي ماضيءَ جي عارضي ۽ اڻبرابر ترقي ۽ گروٿ معاشي ۽ سماجي تضادن کي نئين سطح تي کڻي آڻي بيهاريو آهي. موجوده حڪومت سڄي طاقت سان ڳلو ڦاڙي ڪري سي پيڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جو مثال ڪري پيش ڪيو آهي، هاڻي ان جون حقيقتون به سامهون اچڻ شروع ٿي وينديون. اڄ جي دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پيداوار معاشري کي مستقل بيروزگاري جي هڪ نئين لقاءَ سان روشناس ڪرايو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي قرضن جي جبل تي سي پيڪ رٿائن جي تڪميل هتان جي رهواسين ڪائونسلن تائين کي لاچار ۽ محتاج بڻائي ڇڏيندي. هوئن به چين جهڙي ڪمزور سامراج ڏانهن پاڪستاني سرمائيدارن جو جهڪاءُ ان جي بند گهٽيءَ ۾ ڦاسڻ جي علامت آهي. ٽرمپ جي ڌمڪين ذريعي پاڪستان کي ”رستي“ تي آڻڻ جو خطرناڪ طريقي ڪار نون تضادن ۽ خلفشار کي اڀارڻ جو ڪارڻ ٿي رهيو آهي. علائقي جي ڏکڻ پاسي چيني اثر رسوخ ۾ واڌ تي آمريڪي سامراج کي شديد ڳڻتي آهي. اها بيشڪ هڪ نئين گريٽ گيم آهي، جنهن ۾ پاڪستان جهڙيون رياستون مختلف سامراجي قوتن جي پراڪسي جنگ لاءِ تيزيءَ سان ميدان جنگ ٿينديون پيون وڃن. ان حوالي سان آمريڪي سامراج طرفان پاڪستاني رياست شديد دٻاءَ جو شڪار آهي جيڪو عالمي اڪيلائي ۽ خواري جو سبب ٿي رهيو آهي. چين ۽ آمريڪا جي وڌندڙ تضادن هن ملڪ جي ڪمزور ۽ لاچار حڪمرانن کي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي جنهن سان خلفشار، ڀڃ ڊاهه ۽ ڌڙي بندي ۾ ويتر اضافو ٿي رهيو آهي. اهي تضاد مختلف سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ به پنهنجو اظهار ڪري رهيا آهن، عدليا جو به خوب استعمال ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڦوڪڻي مان هڪ ڀيرو وري هوا نڪري رهي آهي. سياست سرمائي جي سيٺين جي داسي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي جنهن جو اظهار اول ته سينيٽ چونڊن دوران ڦرلٽ ۾ ٿيو، وري چيئرمين جي چونڊ ان سرمائي واري سياست جي سڄي حقيقت پڌري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پورهيتن، هارين، محرومن ۽ لاچارن جي ڪا ڳالهه آهي نه پروگرام پر اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ملڪ ۾ پورهيت طبقي جي وسيع پرت سياست عمل ۾ متحرڪ نه آهي. تاريخي طور تي نواز شريف جا بنياد سرمائيدار ۽ وچولي طبقي ۾ ئي موجود رهيا آهن پر اها به هڪ حقيقت آهي ته حصيداري جي مسئلن سان گڏوگڏ ڀارت سان لاڳاپا ۽ رياست جي پراڻي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ واري پاليسي ۾ تبديلي جي حوالي سان نواز شريف سان تڪرار پنهنجي انتهائن تي آهي. پراڻي معمول ڏانهن واپسي جا امڪان گهٽ ئي آهن. اهڙي صورتحال ۾ حالتن جي جبر تحت وڌيڪ جارحاڻي لفاظي جو استعمال به ڪري سگهجي ٿو. نااهل ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف جو پنهنجن جلسن ۾ انتهائي لفظن جو استعمال ان جي فرسٽريشن جو اظهار آهي پر سڀ کان وڌيڪ اهو حڪمران طبقن جي عام سياست ۽ رياست جي زوال پذيري جو اظهار آهي ته انهن جو پنهنجو نمائندو رياستي ادارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. گذريل چاليهه سالن جي رياستي پرڏيهي پاليسي ۽ ”افغان جهاد“ لاءِ تيار ڪيل ”اثاثن“ کي مين اسٽريم سياست ۾ آڻڻ سان سياسي ۽ رياستي توازن ۾ مسلسل بگاڙ پيدا ٿيو آهي. بظاهر سماج جي سطح تي هڪ سڪون آهي جيڪو حڪمرانن جي پاڻ منجهه لڙائين جي گوڙ ۾ وڌيڪ دٻيل آهي پر هيٺ هڪ لاوو پچي رهيو آهي. ننڍي پيماني تي تحريڪون به وقت بوقت نظر اينديون رهن ٿيون. پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ محرومي، غربت ۽ لاچاري جي نتيجي ۾ هڪ طوفان پلجي رهيو آهي جيڪو هڪ مخصوص ڏاڪي تي ڦاٽي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته سماج بظاهر ڪنهن ثانوي نوعيت جي اشو تي ڦاٽي پوي پر جيتري محرومي ۽ ذلت آهي، ڌماڪو ايڏو ئي شديد ٿيندو. هر سياسي پارٽي پورهيتن جي مسئلن کان منهن ڦيري ڇڏيو آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ رياستي آشيرواد کي واحد رستو تسليم ڪري ورتو آهي. سرمائيداري جي موجوده ڪيفيت ۾ ڪنهن به عوامي مسئلي جو ديرپا حل هڪ سراب آهي. معيشت جي ميڪرواڪنامڪ اشارن ۾ بهتري بلڪل سطحي ۽ عارضي آهي. پورهيت طبقو زندگي جي اذيت ۾ سڙي رهيو آهي، هڪ چڻنگ ان کي ڀڙڪائي ڪڏهن به نه ڏٺل بغاوت جي رستي تي گامزن ڪري سگهي ٿي.