سومر 23 جولائي 2018ع

ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ جو طوفان

ايڊيٽوريل
پاڪستان جي رپئي ۾ وڏي پئماني تي لاٿ ڪري ڊالر جي مُلهه ۾ 5 رپيا 40 پئسا واڌ ڪري 116 رپيا ڪيو ويو آهي، ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿيڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ پڻ واڌ ٿئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جو اگهه وڌڻ جو به چٽو امڪان آهي، ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ فاريڪس ڊيلرن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالرن جو وڪرو مارڪيٽ مستحڪم ٿيڻ تائين بند ڪري ڇڏيو آهي، ڊالر جي اگهه ۾ وڏي پئماني تي واڌ پرڏيهي ادائگين سبب ملڪي پرڏيهي ناڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو سبب ٻڌايو پيو وڃي، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گهرج ۽ سپلاءِ ۾ واڌ جي ڪري ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي پر ان معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا“. ان کان علاوه اهو به ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جو ڪيترن ئي مهينن کان پاڪستان تي رپئي جو قدر گهٽائڻ لاءِ دٻاءَ موجود هو، اهڙي عالمي مالياتي ادارن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ حڪمرانن رپئي جي قدر ڪيرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ملڪ کي وڌيڪ مهانگائيءَ جي بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ڏٺو وڃي ته پاڪستان پهريان ئي پرڏيهي قرضن جي بار هيٺان دٻيل آهي، مٿان وري ڊالر جو اگهه وڌڻ سان پرڏيهي قرضن جو بار وڌيڪ وڌي ويو آهي ۽ ظاهر آهي ان جو منفي اثر سڌي ريت عام مسڪين، هاري، مزدور ۽ پورهيت ماڻهوءَ تي ئي پوندو، ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو اهڙي وڏي پئماني تي واڌ ٿيڻ وقت جي واڳ ڌڻين جي ناڪامي ئي آهي، ڇو ته موجوده نواز ليگ حڪمرانن جون پاليسيون ئي اهڙيون آهن، جنهن جو فائدو ته نه ملڪ ئي پهچڻو آهي ۽ نه وري عوام کي، حڪمرانن رڳو 5 سالن تائين پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن ۽ شاهي خرچن ۾ ٻيڻ کان ٽيڻ تائين واڌ ڪري ملڪي ناڻي کي پاڻي جيئن وهائي ڇڏيو آهي، حڪمران قومي خزانو خالي ڪرڻ بعد وري ان کي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جي نالي ۾ پرڏيهي قرضن سان ڀري عوام کي قرضن جي بار ۾ پوري ڇڏڻ جهڙا ڪارنامه وقت به وقت سرانجام ڏيندا رهيا آهن، ميڊيا تي اڪثر تجزيه نگار ان ڳالهه جو اظهار ڪن ٿا ته گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ موجوده وفاقي حڪومت پرڏيهي قرض وٺڻ ۾ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، حڪمرانن ته اقتدار کان اڳ اهو چيو هو ته هو قرض وٺڻ وارو ڪشتو ئي ٽوڙي ڇڏيندا ۽ بجلي بحران سميت ٻيا اندروني توڙي بيروني بحرانن تي ضابطو آڻيندا پر اڄ سڀني جي سامهون آهي ته حڪمرانن پرڏيهي قرض وٺڻ وارو ڪشتو ٽوڙڻ بجاءِ وڏو ڪشتو ٺهرائي ورتو ۽ قرضن مٿان قرض وٺي ملڪ ۽ عوام کي اهڙي ته ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن مان نڪرڻ محال بڻجي ويو آهي، هن وقت ڊالر جي قيمت وڌڻ سان پيٽرول جا اگهه وڌڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ان سان ويتر وڌيڪ مهانگائي وڌندي، عوام جيڪو پهريان ئي انيڪ پريشانين ۾مبتلا آهي، اهو وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿيندو، جڏهن عوام کان نالي ماتر جيئڻ جي مليل سگهه به کسي ويندي ته پوءِ ظاهر آهي عوام جي اندران ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جنم وٺندو، جنهن سان نه رڳو امن امان جا مسئلا پيدا ٿيندا پر خود وقت جي حڪمرانن لاءِ به ڏچو پيدا ٿي پوندو آهي، هن ملڪ ۾ ڪهڙين نعمتن جي کوٽ آهي، ملڪ انيڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر پوءِ به عوام ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي، هن ملڪ ۾ حالت ته اها آهي جو هتي امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي افسوسناڪ صورتحال رهي ته اها موجوده حڪمرانن لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ واري صورتحال ثابت ٿيندي، ان ڪري وقت جي واڳ ڌڻين کي گهرجي ته اهي ملڪي ڪرنسي جو قدر ڪيرائڻ بجاءِ ان جو قدر وڌائڻ واريون پاليسيون اپنائن ۽ مهانگائي جي طوفان کي روڪي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کڻن.