سومر 23 جولائي 2018ع

ڪاري هرن جي شڪار ۾ سلمان کي 5 سال قيد جي سزا، پرڏيهي وزير پاران مذمت

ويب ڊيسڪ: ممبئي: بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي ڪاري هرن جي شڪار م 20 سال پراڻي ڪيس ۾ عدالت طرفان 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن بعد سندس جوڌا پور سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي، عدالت پاران 28 مارچ تي محفوظ ڪيل فيصلي ٻڌايو ويو، فيصلي ٻڌائڻ جي موقعي تي جوابدار عدالت واري ڪمري ۾ موجود هئا، جج 52 سالن جي اداڪار سلمان خان کي ناياب 2 هرن جي شڪار جو جوابدار قرار ڏيندي 5 سالن جي قيد ۽ 10 هزار رپيا جرمانو عائد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. جڏهن ته ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجه آصف سلمان خان کي ڪاري هرن ڪيس ۾ ملڻ واري سزا جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سزا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت ۾ اقليتون محفوظ ناهن.