سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هاڪي ميچ برابر ٿي وئي

ويب ڊيسڪ: گولڊ ڪوسٽ: ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هاڪي ميچ برابر ٿي وئي آهي. رپورٽ مطابق ڪامن ويلٿ گيمز ۾ هاڪي جي مقابلي ۾ پاڪستان جو روايتي حريف ڀارت سان مقابلو ٿيو ۽ ميچ جي شروعات ۾ ڀارت پهريان هڪ گول ڪيو جنهن کانپوءِ پاڪستان طرفان به گول ڪيو ويو. ڀارت طرفان ميچ دوران ٻيو گول ڪري سرسري حاصل ڪئي وئي پر ميچ جي آخري گهڙين ۾ پاڪستان ٻيو گول ڪري ڀارت جي ڪاميابي جو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ ميچ ٻن ٻن گولن تان برابر ٿي وئي.