سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

پاڪستان جو انڪار، ڀارت ايشيا ڪپ جي ميزباني کان محروم

ويب ڊيسڪ: پاڪستان جو ڀارت ۾ وڃي کيڏڻ کان انڪار بعد ايشيا ڪپ جي ميزباني متحده عرب امارات کي ڏني وئي آهي، ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جو ساليانو اجلاس ملائيشيا جي شهر ڪولامپور ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ڪونسل جي چيئرمين نجم سيٺي ڪئي، اجلاس ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني، شيڊول ۽ ٻيا معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي.