سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سريز تڪرار جي حل لاءِ آئي سي سي ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ويب ڊيسڪ دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ تڪرار جي حل لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. آئي سي سي مطابق پاڪ ڀارت سريز جي تڪرار جي حل لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جو چيئرمين مائيڪل بيلوف هوندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ جان پالسن ۽ انيا بيل بينيٽ شامل آهن. آئي سي سي جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ٽن ڏينهن جي ٻڌڻي کان پوءِ پاڪ ڀارت سيريز معاملي جو فيصلو ڏيندي جڏهن ته ٻڌڻين جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.