سومر 23 جولائي 2018ع

بابر اعظم ۽ حسن علي آئي سي سي جون ٽوپيون ملڻ تي خوش

ويب ڊيسڪ: قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر آئرلينڊ ۽ انگليڊ جي تياري لاءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ تربيتي ڪيمپ جي پهرين ڏينهن ساٿي ڪرڪيٽر جي موجودگي ۾ آئي سي سي جون ٽوپيون ٻنهي ڪرڪيٽرن حوالي ڪيون، حسن علي بابر اعظم سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته بابر اعظم سان گڏ آئي سي سي جي ون ڊي ٽيم ۾ شموليت تي تمام گهڻي خوشي ۽ فخر آهي، ڀرپور سپورٽ ۽ حوصلا افزائي تي مئنيجمينٽ ۽ شائقين جا شڪر گذار آهيون.