سومر 23 جولائي 2018ع

چوڌري نثار صحافين جي سياسي سوال پڇڻ تي ناراض، پريس ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار صحافين طرفان سياسي سوال ڪرڻ تي ناراض ٿي پريس ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو. اڳوڻي گهرو وزير راولپنڊي ۾ اسپتال جو افتتاح ڪيو جنهن کانپوءِ هو ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ آيو. صحافين طرفان چوڌري نثار کان سياسي سوال ڪيا ويا جنهن تي هن شروعات ۾ ئي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ صحافين جي هر هر اسپتال بابت ڳالهائڻ تي اصرار ڪيو. چوڌري نثار پاران منع ڪرڻ باوجود ان تي سياسي سوالن جي بوڇاڙ ٿي وئي جنهن تي اڳوڻو گهرو وزير نه صرف ڪاوڙجي پيو پر ڪاوڙجي پريس ڪانفرنس ئي ڇڏي هليو ويو.