اڱارو 24 اپریل 2018ع

چوڌري نثار جي پارٽي ۾ هئڻ يا نه هئن جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان: پرويز رشيد

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت مون کي ڊان ليڪس سبب ڪڍي ڇڏيو هو پر پوءِ به ڊان ليڪس جي رپورٽ شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو ۽ نواز شريف سان ڏکئي وقت ۾ قدم قدم سان ملائي هلڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، جڏهن ته چوڌري نثار جي پارٽي ۾ هئڻ يا نه هئن جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، نه ئي ان جي ڪنهن بيان تي تبصرو ڪندس. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته حڪومت مون کي ڊان ليڪس جي معاملي تي ڪڍي ڇڏيو هو پر پوءِ به مان ڊان ليڪس جي رپورٽ شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو ته جيئن سچ عوام سامهون اچي سگهي. هن چيو ته چوڌري نثار علي خان جي ڪنهن به بيان تي تبصرو نه ٿو ڪرڻ چاهيان. نه ئي ان جي پارٽي ۾ هئڻ يا نه هئڻ جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪري سگهان ٿو، ڇو ته مان صرف پنهنجي باري ۾ حتمي طور تي چئي سگهان ٿو ته هر طرح جي حالتن ۾ پارٽي سان گڏ آهيان. هن چيو ته قائد مشڪل ۾ هجي ته قدم سان قدم ملائي هلڻ منهنجو فرض آهي ۽ نواز شريف سان گڏ عدالت اچڻ تي خوشي محسوس ڪريان ٿو، جڏهن ته نواز شريف کي بي بنياد ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي پر هو پوءِ به ان کي منهن ڏيندي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.