سومر 23 جولائي 2018ع

هميشه يقين رهيو ته 62 ون ايف تحت نااهلي تاحيات هوندي آهي: جهانگير ترين

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين آرٽيڪل 62 ون ايف بابت تاحيات نااهلي واري فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون لاءِ هي فيصلو ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ مان هميشه کان ئي سمجهندو هئس ته ان آرٽيڪل تحت نااهلي تاحيات هجڻ گهرجي پر نواز شريف ۽ منهنجو ڪيس مختلف هو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪو اعتراض ناهي، مان هميشه اهو ئي سمجهندو آهيان ته ڪرپشن ڪرڻ واري جي نااهلي تاحيات هجڻ گهرجي، اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف مني لارڊنگ سان پئسا ٺاهيا پر منهنجا پئسا مني لارڊنگ جا نه هئا، نواز شريف ۽ منهنجو ڪيس مختلف هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ محنت ڪندو رهندس. هن چيو ته هي سڀ ڪجهه تحريڪ انصاف جي ڪري ٿيو آهي ۽ اسان حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اسان ايندڙ چونڊن جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون.