اڱارو 24 اپریل 2018ع
تعليم
دلچسپ خبرون
سنڌ جون خبرون
شوبز
رانديون
پرڏيهي خبرون
ڏيهي خبرون
اهم خبرون
اڄ جي اخبار
سوڀ جا مک مضمون
نيب آمر مشرف خلاف به ڪرپشن ڪرڻ تي سنجيده جاچ ڪري
قبائلي نظامن جي نئين ترتيب
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
حڪمران، چيف جسٽس جهڙا ڪڏهن ٿيندا؟!
سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي
نواز شريف ۽ عمران خان کي ٿر اچڻ جي دعوت
شوبز جون خبرون
ڪشميري ٻارڙي جي حمايت ڪرڻ تي ڪرينا ڪپور کي مسلمان سان شادي ڪرڻ جو طعنو
منهنجي پٽ جو خانداني نالو ”مرزا ملڪ“ هوندو: ثانيه مرزا
سلمان خان جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ممبئي روانو ٿي ويو
فلم ”شعلي“ جي اداڪار راج ڪشور 85 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
ڪاري هرن جي شڪار ۾ سلمان کي 5 سال قيد جي سزا، پرڏيهي وزير پاران مذمت
سوڀ ميڊيا گروپ
Sobh Dharti Media Group
چيف جسٽس پنجاب پوليس کي صوبي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ويب ڊيسڪ: لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان پنجاب پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته هو صوبي جي سمورن عطائي ڊاڪٽرن کي هڪ هفتي ۾ گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سرڪاري اسپتالن جي بدتر صورتحال تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پنجاب حڪومت طرفان صحت وارو صلاحڪار خواجا سلمان رفيق پيش ٿيو. عدالت پنجاب حڪومت کي سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته صحت وارو صلاحڪار خواجا سلمان رفيق حلفي بيان ڏئي ته هو 30 ڏينهن ۾ اسپتالن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائيندو. صحت واري صلاحڪار جو اب ڏنو ته عدالت کي يقين ٿو ڏياريان ته عدالتي حڪم تي باقاعده عملدرآمد ٿيندو. عدالت صحت واري کاتي جون خالي جايون مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي صحت کاتي ۾ ڀريون وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. عدالت چيف سيڪريٽري جي بيان جي روشني ۾ حڪم جاري ڪيو، چيف سيڪريٽري عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته اليڪشن کان ڀريون نٿيون ڪري سگهجن پر پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن کي ان حوالي سان ڇوٽ حاصل آهي. ٻئي پاسي چيف جسٽس آف پاڪستان پنجاب پوليس کي حڪم ڏنو ته هو سڄي صوبي ۾ موجود عطائي ڊاڪٽرن خلاف ايڪشن وٺي ۽ هڪ هفتي جي اندر عطائي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.