سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

نواز شريف جي تاحيات نااهلي ۽ ان کانپوءِ

سرمد اياز
چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل پنج رڪني بينچ آئين جي آرٽيڪل 62 تحت نااهلي جي مدي جي تشريح لاءِ داخل درخواستن جي ٻُڌڻي کانپوءِ 14 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو اهو ڪالهه ٻُڌايو ويو. عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته آئين جي شق 62 اميدوار جي اهليت جانچڻ لاءِ آهي، ان ۾ نااهلي جي مدي جو ذڪر ناهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ آئين جي شق 62 (1) (ف) جي تشريح ڪندي نااهلي جي مدي کي تاحيات قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان فيصلي جو سڌي ريت تعلق اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جهانگير خان ترين جي نااهلي جي ڪيسن سان آهي. ان فيصلي مطابق هاڻي نااهل قرار ڏنل فرد تيسيتائين نااهل رهندو جيسيتائين ان جي نااهلي خلاف ٻيو فيصلو نه ٿو اچي. ياد رهي ته آئِين جي شق 62 (1) (ف) تحت نااهلي جي مدي جي تشريح جي ضرورت ان وقت پيش آئي هئي، جڏهن گذريل سال نواز شريف ۽ جهانگير ترين جي نااهلي کانپوءِ ان بحث جي ابتدا ٿي هئي ته انهن جي نااهلي جو مدو ڪيترو آهي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان جي مدي جو تعين ڪرڻ لاءِ 5 رڪني لارجر بينچ ٺاهي هئي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي صادق ۽ امين قيادت ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها آئين ۾ به لکيل آهي ته اهڙي ماڻهوءَ جي نااهلي تاحيات رهندي انڪري جيسيتائين عدالتي ڊڪلئيريشن موجود آهي نااهلي رهندي. اهو فيصلو ڪيترو اهم آهي؟ ايندڙ چونڊن ۽ پاڪستان جي سياست تي اهو فيصلو ڪيتري حد تائين اثرانداز ٿي سگهي ٿو؟ ۽ سڀ کان اهم اهو ته نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ڪيترو نقصان ٿيندو؟ مختلف تجزيي نگارن جا خيال مختلف آهن. مثال طور ڪجهه چون ٿا ته ان فيصلي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري انهن ماڻهن جي وفادارين ۾ تبديلين جو وقت اچي رهيو آهي، جيڪي نسلن کان صرف ذاتي مفادن خاطر سياست ڪري رهيا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن کان مسلم ليگ (ن) ڇڏيندڙن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي ان ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جيڪا هاڻي مسلم ليگ (ش) ٿي چڪي آهي اها هوريان هوريان ڪمزور ٿيندي ويندي. ان صورتحال ۾ اهو فيصلو سياسي ميدان ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ انتشار کي جنم ڏيندو. جيسيتائين تعلق آهي ته ڇا پارليامينٽ آئين جي ان شق کي ختم ڪري سگهي ٿي ته بلڪل، پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار حاصل آهي پر ان لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هجڻ لازم آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙي اڪثريت ڪنهن کي به ملندي نظر نه ٿي اچي. نواز شريف جي مستقل نااهلي جي ڪري نواز ليگ کي ته نقصان ٿيندو پر پاڪستان تحريڪ انصاف ان فيصلي جي ڪري تمام گهڻي متاثر نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اُها سياسي جماعت گهٽ ۽ فين ڪلب وڌيڪ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي اهميت بطور سياسي ليڊر ناهي پر (اي ٽي ايم) جي هئي، جيڪڏهن ان فيصلي کانپوءِ جهانگير ترين پارٽي تان هٽي به ويو ته ڪو ٻيو ان جي جاءِ ولاري وٺندو. ٻين جو خيال آهي ته ان فيصلي ۾ آئين جي شق 62 (1) (ف) جي تشريح ڪئي وئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آئين جي شق 189 تحت ان جو اختيار حاصل آهي پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اها شق اهليت طئي ڪري ٿي، نااهلي نه. ان جو اطلاق صرف چونڊن ۾ نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٿئي ٿو ۽ اها صرف هڪ چونڊ لاءِ هوندي آهي پر سپريم ڪورٽ کي آئين جي تشريح جو اختيار حاصل آهي ۽ ان تحت اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. نواز شريف وٽ هاڻي نااهلي کان بچڻ جو رستو هي آهي ته جيڪڏهن کيس احتساب عدالت مان 2 سال يا ان کان وڌيڪ عرصي جي سزا ٿي وڃي ٿي ته آئين جي شق 63 (1) (h) تحت ان جي نااهلي جو مدو وڌ کان وڌ 5 سال جو ٿي سگهي ٿو. ان نقطي جو فائدو کڻي سگهجي ٿو. جڏهن ته نواز شريف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه جيڪڏهن پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪندي پاڻ نااهلي جو مدو مقرر ڪري ڇڏي تڏهن به نواز شريف کي موقعو ملي سگهي ٿو. جيسيتائين آئيني بحران جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته اهڙو ڪو بحران جنم وٺندي نظر نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته نواز شريف هن وقت وزيراعظم نه آهي. ڪجهه ماڻهن جو ته اهو به چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ هڪ اهڙي ڪيس ۾ بلڪل واضح طور تي سخت فيصلو ڏنو آهي جنهن ۾ گهڻن ماڻهن کي لڳي رهيو هو ته آئين جي شق 62 تحت نااهلي جي مدي جو تعين ڪرڻ عدالتن جو ڪم نه آهي. ان فيصلي کي پارليامينٽ تي ڇڏي سگهجي پيو. پر هڪ اڳواڻ کي سڄي زندگي لاءِ چونڊ مقابلي مان ٻاهر ڪري ڇڏڻ هڪ اهڙو فيصلو آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ تي ايندڙ ڏينهن ۾ سخت تنقيد ٿيندي. جيسيتائين نواز شريف کي آئين جي شق 62 تحت نااهل قرار ڏيڻ وارو فيصلو واپس نه ٿو ورتو وڃي، تيسيتائين هُو سڄي زندگي نااهل رهندو. ان جو اهو به مطلب آهي ته پارليامينٽ به نواز شريف جي نااهلي ختم ڪرڻ لاءِ قانونسازي نه ٿي ڪري سگهي. پر وڏي منظرنامي ۾ ڏسجي ته ان فيصلي جا پاڪستان ۽ ان جي سياستدانن تي گهرا ناڪاري اثر پوندا. هاڻي ڪنهن به سياستدان ۽ ان جي ”اهليت“ کي سپريم ڪورٽ ۾ بنا ٽرائل جي چئلينج ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪاميابيءَ جو مطلب اهو آهي ته ان کان سڄي زندگي لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. صدين کان جاري قانوني روايتن ۽ ان فيصلي ۾ ٽڪراءَ نظر اچي ٿو. ستم ته اهو آهي نواز شريف کي ان شق تحت نااهل ڪيو ويو آهي جيڪا ان جي سياسي گاڊ فادر جنرل ضياءُ الحق آئين ۾ متعارف ڪرائي هئي. غيرجمهوري مداخلت نون نظرين کان وڌيڪ ڏورانهان نتيجا رکي ٿي. اهو پڻ چيو وڃي پيو ته اهڙي فيصلي جي بلڪل توقع نه هئي پر سُٺي ڳالهه هيءَ آهي ته فيصلو متوازن آهي ۽ جهانگير ترين لاءِ به اها ئي سزا رکي وئي آهي جيڪا نواز شريف لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. جيئن ته نااهلي جو مدو اول 3 سال يا 5 سالن لاءِ هوندو هو، ۽ اها به توقع ڪئي پئي وئي ته نواز شريف صرف 2018 جي اليڪشن نه وڙهي سگهندو پر هاڻي تاحيات نااهلي سان ان جي پارٽيءَ کي ڪيترو نقصان پهچندو. اهو ڏسڻو پوندو. ان حوالي سان ڏورانهان اثر هاڻي کان اچڻ شروع ٿي چڪا آهن ۽ ڏکڻ پنجاب، شيخوپوره ۽ ٻين علائقن کان ماڻهن مسلم ليگ (ن) ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. پر پوءِ به سياست ۾ نااهلي يا اهليت ايڏي اهم ناهي ڇاڪاڻ ته ماڻهو پسمنظر ۾ رهي ڪري به سياست جاري رکي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ اڪثر سياستدان بادشاهه ٺاهيندڙ هوندا آهن ۽ صرف هڪ فيصلي سان انهن جو سياسي مستقبل ختم نه ٿو ٿي سگهي. ان سان اهو سوال به اٿندو ته ڇا تاحيات نااهلي کانپوءِ به هُو ائين ئي پنهنجي جماعت لاءِ فيصلا ڪندو رهندو؟ عين ممڪن آهي ته آئين ۽ قانون کيس پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ پنهنجن حامين، سياسي ڪارڪنن ۽ جماعت سان تعلق رکندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿو. بهرحال، بظاهر سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ائين لڳي رهيو آهي ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي شايد هُو ٻيهر پارليامينٽ ۾ واپس نه اچي سگهندو پر اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته اپريل 1999ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس آصف علي زرداري کي به ڪرپشن جي مقدمن ۾ سزا ڏني وئي هئي. ان فيصلي ۾ به چيل هو ته بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري ٻيهر ڪڏهن به سياست ۾ نه اچي سگهندا پر اهو فيصلو بعد ۾ تبديل ٿيو ۽ ٻئي شخصيتون ٻيهر سياست ۾ واپس آيون. فيصلو جيئن ته پاڪستان جي اعلى ترين عدالت ڏنو آهي انڪري مشڪل ڏسڻ ۾ اچي پيو ته اهو تبديل ٿي سگهندو. پر ان جي جماعت هاڻي به پاڪستان جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. حڪومت ۾ آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به ائين ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته پنجاب ۾ شايد ميدان ماري وڃي ۽ جهڙي طرح مسلم ليگ (ن) ان فيصلي کي تڪراري قرار ڏنو آهي ته بظاهر توڻي جو اهو لڳي رهيو آهي ته نواز شريف هاڻي شايد ٻيهر سياست ۾ واپس نه اچي سگهي پر انهن سڀني عنصرن جي ڪري نواز شريف جي سياست سان مڪمل دوري بابت حتمي طور تي اسان ڪجهه نه ٿا چئي سگهون. جڏهن به حالتون بدلجنديون ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ حالتون اڪثر بدلجنديون رهن ٿيون ته ڪوبه اهڙو فيصلو اچي سگهي ٿو جيڪو انهن لاءِ سازگار هجي. تنهنڪري تاحيات نااهلي جي حوالي سان حتمي طور تي نه ٿو چئي سگهجي ته ڇا اهو عملي طور تي ممڪن آهي يا نه.