سومر 23 جولائي 2018ع

صادق ۽ امين نه هئڻ بعد تاحيات نااهليءَ جو فيصلو

ايڊيٽوريل
نااهلي ڪيس جي حوالي سان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ 10 ٻڌڻين کانپوءِ جيڪو فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، اهو جسٽس عمر عطا بنديال پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”جيڪو شخص صادق ۽ امين نه هجي ان کي آئين تاحيات نااهل قرار ڏيندو آهي. جيستائين عدالت جو ڊيڪلريشن موجود آهي، نااهلي برقرار رهندي. واضح رهي ته هي سپريم ڪورٽ بينچ ۾ شامل 5 ججن جو گڏيل طور تي فيصلو آهي، جنهن ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ اضافي نوٽ پڻ لکيو آهي. اهو به واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي حوالي سان 28 جولائي 2017ع تي فيصلي ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو جنهن بعد ان کي وزير اعظم جي عهدي هٽايو ويو هو . ٻئي طرف گذريل سال 15 ڊسمبر تي اعليٰ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي به نااهل قرار ڏنو هو .اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين کي آئين جي ان ئي شق يعني آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهل قرار ڏنو ويو هو . جنهن بعد هن بحث جي شروعات ٿي. ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ طرفان انهن فردن کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اصل معاملو وري به ساڳيو ئي صادق ۽ امين جو اچي ٿو، جنهن جو اطلاق ملڪ جي هر شهريءَ تي آهي پر ان ۾ وڏي ذميواري انهن تي آهي، جن جي هٿن ۾ ملڪ ۽ عوام جون تقديرون آهن، هي معاملو ڪروڙين عوام جو آهي، ان جي مستقبل جو آهي، رياست جي وجود جو آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو آهي.جيڪڏهن هن وقت تائين به رياست ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي نه رهي، اختيارن جو تعين نه ڪيو ويو، ادارا پنهنجن پنهنجن حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ نه لڳندا ۽ جوڙيل ضابطن تي عمل نه ڪيو ويندو ته پوءِ پست حاليءَ تائين پهچڻ ۾ هاڻ ڪا به دير نه لڳندي. هن وقت صورتحال ڳنڀير آهي ۽ ان کي ڳنڀيرتا مان ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن، ان لاءِ طاقتور ماڻهن جي حوالي سان تمام وڏن فيصلن جي ضرورت آهي.جن جي هٿن ۾ ملڪ ۽ عوام جي قسمت آهي انهن جي نه فقط صادق ۽ امين هجڻ جي ضرورت آهي پر انهن جي احساس پرور هجڻ جي پڻ ضرورت آهي. پارليامينٽ ۽ انتظاميا وٽ جيڪڏهن عوام جي خيرخواهيءَ جا جذبا ناهن ته پوءِ انهن جي حقن، خوشحالي ۽ تحفظ لاءِ ڪجهه نه ٿي سگهندو، پوءِ اهو ئي ٿيندو جيڪو هن وقت تائين ٿيندو رهيو آهي. انتظاميا آئين جي لتاڙ ڪئي، عدليا ماضيءَ ۾ اڻ وڻندڙ فيصلا ڏنا ۽ انتظاميا قانون شڪن بڻجي وئي ته اڄ ان جو نتيجو ملڪ جي پست حاليءَ جي صورت ۾ موجود آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ سربراهه بابت آيل فيصلو دراصل انهن لاءِ به آهي جن صادق ۽ امين جو ڪردار بلڪل به مثالي نه نڀايو آهي ۽ صرف سندن ذات ۽ مخصوص حلقي جي مفادن جي نگهباني پئي ڪئي آهي. هن ملڪ کي سئين دڳ تي هاڻ وڏا فيصلا ئي آڻي سگهن ٿا.