سومر 23 جولائي 2018ع

چونڊن کان پهرين فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو وڃي: اسفند يار ولي

ويب ڊيسڪ: بونير: عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته سياسي مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ڪيو پر عمران خان مسئلا عدالت ۾ کڻي وڃي ٿو، بونير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي جو چوڻ هو ته وقت جي حڪومت کي درخواست ٿو ڪريان ته فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ اليڪشن کان پهريان ضم ڪيو وڃي.