اڱارو 24 اپریل 2018ع

ناڪام قيادت جي سبب قومي ادارا تباهه ٿيا، حڪمرانن ريلوي ۽ اسٽيل مل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ناڪام قيادت جي سبب قومي ادارا تباهه ٿيا ۽ اسان کي ايترو خطرو دشمنن کان به ناهي جيترو پنهنجن مان آهي، ڪرپٽ حڪمرانن ريلوي ۽ اسٽيل مل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي يوٿ اليڪشن جي موقعي تي پريس ڪانفرس ڪندي سراج الحق چيو ته پي آئي اي، ريلوي ۽ پاڪستان اسٽيل جهڙا ادارا قرضي ٿي ويا آهن ۽ هي ادارا چور ۽ ڪرپٽ قيادت جي سبب تباهه ٿيا آهن. هن چيو ته ملڪي مجموعي آبادي 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي پر قومي اسيمبلي ۾ انهن جي ڪابه نمائندگي ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪو به نئو تعليمي ادارو ناهي ٺاهيو ويو ۽ هتي پاڻي ته پري جي ڳالهه شهرين کي پاڻي ئي ناهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مان نوجوانن کي ڊاڪٽر قدير بڻائڻ چاهيان ٿو.