اڱارو 24 اپریل 2018ع

فوج نه هجي ها ته پاڪستان ۾ به ٻين ملڪن جيان تباهي هجي ها: عمران خان

ويب ڊيسڪ: مردان: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوج نه هجي ها ته پاڪستان ۾ به ٻين ملڪن جيان تباهي مچيل هجي ها، مردان ۾ پي ٽي آئي جي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڄ ڪلهه هڪ تنظيم پاڪ فوج خلاف بيان ڏئي رهي آهي، آئون پهرين ڏينهن کان آمريڪا جي جنگ جو مخالف آهيان، قبائلي علائقن ۾ فوج نه موڪلڻ گهرجي ها، ان فوج جو قصور ناهي ان ۾ ان جو قصور آهي جنهن فوج قبائلي علائقن ۾ موڪلي هئي، فوج کي ته پنهنجو ڪم ڪرڻو هو، هي پهريان آمريڪا جي جنگ هئي هاڻي ته اسان جي جنگ ٿي وئي آهي.