سومر 23 جولائي 2018ع

چيف جسٽس ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ويب ڊيسڪ: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن بعد پنجاب حڪومت ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي.