سومر 23 جولائي 2018ع

والاريل ڪشمير ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل آصفه جي وڪيل کي به قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون

ويب ڊيسڪ: والاريل ڪشمير ۾ زيادتي بعد قتل ٿيندڙ معصوم آصفه جي وڪيل خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سندس قتل ڪيو ويندو يا زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو. معصوم آصفه جي وڪيل ديپڪا سنگهه راجاوت جو چوڻ آهي ته مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، حفاظت لاءِ سپريم ڪورٽ ويندس. ديپڪا سنگهه راجاوت جو چوڻ آهي ته مونکي ناهي خبر ته آئون ڪيستائين زندهه هوندس، مونکي عصمت دري جو نشانو بڻائي ويندو ۽ مونکي نقصان پهچايو ويندو.