اڱارو 24 اپریل 2018ع

اوڀر پاران شام تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا: روسي صدر

ويب ڊيسڪ: ماسڪو: روسي صدر والادي مير پيوٽن خبردا ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوڀر طرفان شام تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. ڪريملن مان جاري ڪيل بيان مطابق آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان شام تي حملي بعد صدر ولادي مير پيوٽن ايراني هم منصب حسن روحاني سان رابطو ڪيو آهي جنهن دورنا ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته شام تي حملي 7 سالن کان جاري سياسي حل کي نقصان پهچايو آهي.