سومر 23 جولائي 2018ع

ڪشميري ٻارڙي جي حمايت ڪرڻ تي ڪرينا ڪپور کي مسلمان سان شادي ڪرڻ جو طعنو

ويب ڊيسڪ: والاريل ڪشيمر ۾ 8 سالن جي مسلمان ٻارڙي سان اجتماعي زيادتي کان پوءِ بي رحماڻي قتل جي واقعي تي دنيا پاران مذمت ڪئي پئي وڃي ۽ بالي ووڊ سميت ٻين شعبن سان تعلر کندڙ ماڻهن به ان خلاف آواز اٿاريو. ٻئي طرف هندو انتهاپسندن طرفان 8 سالن جي آصفه بانو سان ڪيل ظلم تي آواز بلند ڪندڙ اسٽارن تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.