سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

چار هزار پاڪستانين کي ڊالرن جي عيوض غير ملڪين جي حوالي ڪيو ويو: جاويد اقبال

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: گم ڪيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته غير ملڪي ايجنسيون ماڻهن کي گم ڪري آءِ ايس آءِ تي الزام لڳائڻ چاهن ٿيون. اسلام آباد ۾ قومي اسمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي انساني حقن جو اجلاس زهرا ودود فاطمي جي سربراهي ۾ ٿي گذريو، گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه (ر) جاويد اقبال معاملي تي ڪميٽي تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ هٺيان انڪشاف سامهون آيا آهن.جسٽس جاويد اقبال ٻڌايو ته اڪثر بازيات ٿيندڙ ماڻهن خوف سبب ڪميشن اڳيان واقعو ٻڌائڻ کان لهرائن ٿا، گم ٿيل ماڻهن مان ستر سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهون عسڪريت پسندي ۾ ملوث رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو شخص دهشتگرد آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته سندس گهر وارا به دهشتگرد هجن، گم ٿيل ماڻهن جي خاندان جي تحفظ جي ذميواري رياست جي آهي.جاويد اقبال چيو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت جي پنهنجن گم ٿيل ڪارڪنن جي معاملي تي دلسچپي نه وٺڻ جي سبب جي خبر آهي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ عشرت العباد سنڌ جو گورنر پڻ رهي چڪو آهي پر اختيار ملڻ باوجود ايم ڪيو ايم پنهنجي گم ٿيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪي قدم نه کنيا، ايم ڪيو ايم جي ڪجهه گم ٿيل ڪارڪنن جو 20 ورهيه گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪا خبر ناهي پئجي سگهي، عشرت العباد گم ٿيل ڪارڪنن جي وارثن کي پلاٽ ۽ هڪ نوڪري ڏني ۽ معاملو ختم ڪري ڇڏيو.جسٽس (ر) جاويد اقبال موجب هن وقت ايم ڪيو ايم جا 14 گم ڪيل ڪارڪنن جا ڪيس ڪميشن وٽ ٻڌڻي هيٺ آهن، ايم ڪيو ايم جي گم ڪيل ماڻهن جو انگ خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ گروپ سنجيدگي سان نوٽس ورتو آهي، ڪميشن وٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جا 29 ڪيس موجود آهن، جيڪي 1992 کان 1995 تائين جا آهن.جسٽس (ر) جاويد اقبال ٻڌايو ته مشرف جي حڪومتي دور ۾ گهرو وزير آفتاب شيرپائو چار هزار پاڪستانين جي غيرملڪين جي حوالي ڪيا، پرويز مشرف پاڪستانين جي کي غيرملڪين جي حوالي ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو ، مشرف ۽ شير پائو جي قدمن جي خلاف پارليامنٽ ۾ آواز اٿاريو ويو، پارليامنٽ کي مشرف ۽ شيرپائو جي کنيل قدمن جي جاچ ڪرائڻ گهربي هئي، پڇاڻو ڪرڻ گهربو هو ته آخر ڪهڙي قانون جي تحت پاڪستانين کي غير ملڪين جي حوالي ڪيو ويو ،ملڪ ۾ پارليامنٽ، آئين، عدالتون هجڻ جي باوجود ڪئين ڪنهن پاڪستاني کي غيرملڪ جي حوالي ڪيو ويو .جاويد اقبال ٻڌايو ته پاڪستانين جي غير ملڪين جي حوالي ڪرڻ جو طريقو ٻڌائيندي چيو ته پاڪستانين جي حوالگي جو ڪو به معاهدو نه هجڻ ڪري پاڪستانين کي ڳجهي نموني سان غير ملڪين جي حوالي ڪيوويو جنهن جي عوض ڊالر حاصل ڪيا ويا، اهو نه پڇو وڃي ته ڪيترا ڊالر مليا، ملڪ دشمن ايجنسيون پڻ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ ملوث رهيو آهن، هي ايجنسيون ماڻهن کي کنڀي آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ تي الزام لڳائڻ چاهن ٿيون.جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته غيرملڪي اين جي اوز تي پابندين جي حق ۾ آهيان، ڇو ته هي ملڪ بجائي غير ملڪين جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي فنڊنگ پڻ غير ملڪين کان ملي رهي آحي، منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته اين جي اوز تي پابندي لڳائي ڇڏيان ها پر سياسي اڳيان اچي وڃي ٿي، شڪيل آفريد جي ڪردار سان عالمي اين جي اوز جي ڪردار جي پرک ڪري سگهجي ٿي.جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ٻڌايو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان سامهون ايندڙ انگ اکر حقيقت کان مختلف آهن، بلوچستان ۾ مختلف گروپ آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون انهن ۾ شامل ٿي ويا آهن،بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي ۽ نصرالله بلوچ کي فهرست فراهم ڪرڻ جو چيو هو پر ڪير به فهرست فراهم ناهي ڪئي .جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ٻڌايو ته گم ڪيل ماڻهن جي جي معاملي تي غير ملڪي ليڊرن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪميشڻن کي گم ماڻهن جا 4929 ڪيس مليا آهن، مارچ 2011 کان فيبروري 2018 تائين ڪميشن 3219 ڪيس اڪلائي ڇڏيا.هن وقت ڪميشن وٽ گم ماڻهن جا 1710 ڪيس جاچ هيٺ آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪميشن کي گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ گروپ طرفان پڻ گم ٿيل ماڻهن جا 368ڪيس مليا آهن.جن مان گهڻن جو تعداد سنڌ مان آهي،آگسٽ 2016 ۾ ڪراچي مان 68 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي، جيڪي جيل ۾ قيد هئا يا واپس گهر موٽي ويا هئا.جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال بريفنگ ۾ چيو ته ڪراچي مان 368 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن مان 309 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن، مئي 2017 ۾ گڏيل قومن جي اداري جي ورڪنگ ڪميٽي جي جينوا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي خلاف گم ٿيل ماڻهن جا 723 ڪيس داخل ٿيا،انهن مان هاڻ 505 ڪيس اڪلائي ڇڏيا اهن پر ان باوجود 218 ڪيس ڪميشن وٽ جاچ هيٺ آهن، انهن مان 14 افغان شهرين جاپڻ ڪيس شامل آهن، جيڪي 1982 کان 1986 ۾ پاڪستان مان گم ٿيا.ڪميٽي جي ميمبر نسيما حفيظ چيو ته ملڪ ۾ منظور پشتين کي ميڊيا تي نظراندار ڪيو پيو وڃي، هو گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس جلسي ۾ عورتون شامل هيون جن جي هٿن ۾ سندن خاندان جي ٻن، ٽن گم ٿيل فردن جو تصويرون کنيل هيون، جاويد اقبال چيو ته منظور پشتين سان رابطو ڪندس، هن سان گم ٿيل ماڻهن جي فهرست واري معاملي کي ڏسندس.