سومر 23 جولائي 2018ع

بادشاهه جو انجام

رئوف ڪلاسرا
نواز شريف جو دور نيٺ پڃاڻي تي پهتو. سڀني کي هڪ ڏينهن ختم ٿي وڃڻو آهي، صرف خدا جي ذات باقي رهندي. صديون پراڻي دهليءَ جي ڪهاڻي پڙهون ته انسان دنيا کان ايڏو بي نياز ٿي وڃي ته انساني آبادي ڇڏي ڪري جهنگ ۾ وڃي رهي. ڪيترن بادشاهن دهليءَ تي آڪڙجي حڪومت ڪئي، اڄ انهن جي قبرن جا نشان به نه ٿا ملن، جڏهن ابراهم ارلي جي تخت دهلي جي سلطانن تي شاندار ڪتاب The Age of Wrath پڙهيم ته معلوم ٿيو ته ڪنهن بادشاهه ۾ اهو احساس نه هو ته هُو هڪ ڏينهن نه رهندو، ڀلي اُهو ڪجهه سال ئي اقتدار تي ڇو نه قابض رهيو هجي. ڪُل 33 مسلمان بادشاهن سلطنت دهلي تي حڪومت ڪئي، جن ۾ غلام خاندانن کان وٺي ڪري تغلق، خلجي، سيد ۽ لوڌي خاندانن سان تعلق رکندڙ بادشاهه به شامل هئا. ابراهيم لوڌي کي بابر پاڻي پت ۾ شڪست ڏئي ڪري دهليءَ تي قبضو ڪيو. اُنهن 33 بادشاهن مان صرف ٽي بادشاهه اهڙا هئا جن جي دل ۾ خدا جو خوف هو. جيڪي انسانن کي رتورت ڪرڻ کان وڌيڪ انسانن سان محبت ڪرڻ تي يقين رکندا هئا، باقي انسانن جو رت اهڙو وهايو ڄڻ سندن سلطنت جو سج ڪڏهن لهندو ئي نه. پاڻ جهڙن انسانن تي حڪومت ڪرڻ جو نشو دنيا جي ڪنهن به نشي کان وڏو هوندو آهي، ان نشي کي پورو ڪرڻ لاءِ انسان هڪٻئي جو رت وهائيندا آيا آهن، علاءُ الدين خلجي پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين خلجي کي قتل ڪري ڇڏيو ته اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهه جهان کي قيد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ شجاع، مراد ۽ دارا شڪوه قتل ڪرايا ۽ ڀائيٽين کي به مارائي ڇڏيو، خوشونت سنگهه پنهنجي ناول ”دهلي“ ۾ لکي ٿو ته ان رات دهلي جي ڪنهن گهر ۾ چُلهو نه ٻريو هو جڏهن دارا شڪوه جي خوبصورت پُٽ کي زنجيرن ۾ ٻڌي شهر آندو ويو، سڄو شهر ان خوبصورت نوجوان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ نڪري آيو هو، سڀني منٿون ڪيون پر اورنگزيب نه مڃيو، چيائين؛ منهنجي ڀائيٽي جي ظاهري خوبصورتي تي نه وڃو، ان جو اهو ئي حال آهي جهڙو هڪ نانگ جي خوبصورت چمڙي اندر انتهائي خطرناڪ زهر هوندو آهي. مغل ان معاملي ۾ ڏاڍا ظالم هئا، اڪبر بادشاهه جو دادلو ۽ اڪيلو پُٽ شهزادو سليم يا جهانگير ياد اچي ٿو، جنهن پنهنجي پُٽ کي بغاوت تي قتل ڪرائي ڇڏيو هو. پُٽ پيرن ۾ ڪري چيو هو؛ بابا سائين! اوهان به ته ڏاڏي سائين اڪبر بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هئي، ڏاڏي ته توهان کي معاف ڪري ڇڏيو هو، اوهان مون کي معاف ڪري ڇڏيو، جهانگير چيو؛ پُٽ! اڄ هن تخت تي ويهي ڪري مون کي محسوس ٿئي ٿو ته تنهنجي ڏاڏي مون کي معاف ڪري غلط ڪيو هو. باغي کي موت جي سزا ڏني وڃي ٿي، ڀلي پُٽ ئي ڇو نه هجي، وري ان جلاد کي اشارو ڪيو ته منهنجي پُٽ جي ڳچي وڍي ڇڏ. انهن مغلن جو جيڪو حشر ٿيو سڀني جي سامهون آهي، بهادر شاهه ظفر جي آخري ڏينهن جي ڪهاڻي پڙهو ته اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا، مغلن ۾ جيڪڏهن ڪو خوبصورت انساني دل کڻي پيدا ٿيو هو ته اُهو بهادر شاهه ظفر هو، هڪ رحم دل، خوبصورت دل جو مالڪ ۽ شاعر ماڻهو، ڪٿي ڦاسي پيو هو، هڪ عوامي بادشاهه، هڪ ڏينهن شهر ۾ فرنگي حڪم ڏنو ته شهر جا سڀ مال وارا پنهنجيون مينهون ۽ جانور کڻي دهلي کان ٻاهر هليا وڃن ۽ ٻاهر پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهين. انگريز شهر جو ماحول صاف رکڻ چاهيو پئي، پر هندوستانين جي ويجهو صفائي ايڏو اهم اشو نه هئي جنهن لاءِ جانور شهر کان ٻاهر شفٽ ڪري ڇڏجن. ڪجهه ڏينهن بعد مال وارا بادشاهه جي محل سامهون احتجاج ڪرڻ آيا. بهادر شاهه ظفر کي ٻڌايو ويو ته مال متاع وارا آهن، سڀني کي شهر کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بادشاهه چيو؛ جتي عوام هوندو، اُتي سندن بادشاهه رهندو. بهادر شاهه ظفر تياري ڪري ڇڏي ته هُو به انهن ماڻهن سان گڏ شهر کان ٻاهر وڃي رهندو. جيئن ئي انگريزن کي اطلاع مليو ته اُهي ڊوڙندا ڊوڙندا ويا ۽ چيائون؛ بادشاهه هي ڪهڙو ظلم ڪري رهيا آهيو. بادشاهه چيو؛ جيسيتائين مال متاع وارن جون مينهون واپس نه وينديون، هُو شهر اندر نه ويندو، تمام جلد عمل ٿيو ۽ مال وارن کي مينهن سميت واپس شهر ۾ سڏايو ويو، پوءِ ئي بهادر شاهه ظفر آرام سان ويٺو. ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اڄوڪو دور سُٺو آهي يا اُهو دور سُٺو هو جڏهن بادشاهه حڪومت ڪندا هئا. ڇا جمهوريت ۽ قانون اسان کي بهتر ۽ مهذب انسان بڻايو آهي يا وري اسان اڳ کان وڌيڪ خراب ٿيا آهيون؟ پراڻي دور ۾ صرف هڪ بادشاهه هو ۽ هاڻي جديد جمهوريت سوين بادشاهن کي پيدا ڪري ڇڏيو آهي. بادشاهه جڏهن اقتدار تان رخصت ٿيندا هئا ته درٻارين جا ڪنڌ به ڪٽي ڪري شهر جي چوواٽن تي لٽڪايا ويندا هئا. علاءُ الدين خلجي بابت ته مشهور هو ته هُو ڏوهارين کي سزا ڏئي ڪري ماٺ نه ڪندو هو پر انهن جي ٻارن ۽ زالن کي به قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن اسان جا اڄ جا حڪمران سمجهن ٿا ته اُهي بادشاهه آهن، جن کان ڪا جواب طلبي نه ٿي ٿي سگهي ته پوءِ اُهي ٿورو هندستان جي تاريخ پڙهي وٺن ته جڏهن اقتدار ٻُڏڻ جو وقت ايندو هو ته بادشاهن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو هو. يورپ ۾ به بادشاهه ظلم ڪندا هئا. جڏهن بغاوت ٿيندي هئي ته سندن پنهنجا خاندان به قتل ڪيا ويندا هئا، اهو ئي ڪجهه هندوستان ۾ ٿيندو رهيو، بادشاهه کان وڌيڪ انهن جي اولاد ڀوڳيو. يورپ ۾ جڏهن نئين سجاڳي شروع ٿي ۽ انسانن هڪ مهذب دنيا ڏانهن سفر شروع ڪيو ته بادشاهن کان سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. پوپ جي اٿارٽي به چئليج ٿي وئي. انسان بادشاهه جو اُهو اعزاز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته بادشاهه غلطي نه ٿو ڪري سگهي، تنهنڪري ان خلاف ڪارروائي نه ٿي ٿي سگهي. جيئن جيئن انساني ذهن ۽ تهذيب ترقي ڪئي، انسان پاڻ جهڙن انسانن جي حڪمرانن کان بيزار ٿيندو ويو ۽ نيٺ جمهوريت جنم ورتو. ان جمهوريت تحت قانون سامهون سڀ برابر هئا. جيڪو جيتري وڏي عهدي تي هو، اُهو وڌيڪ ذميوار قرار ڏنو ويو. بادشاهه جو ايماندار هجڻ لازم ٿيو، شيڪسپيئر ته ايترو لکي ڇڏيو ته بادشاهه ته ڇڏيو، راڻي تي به شڪ نه ٿيڻ گهرجي ته اُها ڪو غلط ڪم ڪري سگهي ٿي. هاڻي حڪمرانن جي غلطين ۽ ڪرپشن تي پردو نه پيو وجهي سگهجي. يورپ پنهنجن حڪمرانن جي اخلاقيات جو هڪ اعلى معيار قائم ڪري ڇڏيو. اها جمهوريت آهستي آهستي انگريز دنيا جي ٻين حصن ۾ به کڻي ويو، جتي اُنهن جن علائقن ۽ قومن کي ڪالوني بڻايو ۽ ائين هڪ ڏينهن اسان سڀني ڏٺو ته يورپ ۾ ليڊرن لاءِ ضروري ٿيو ته اُهي هڪ عام شهري جي ڀيٽ بهتر اخلاقيات جو مظاهرو ڪن. اُهي ڪوڙ نه ڳالهائيندا، اُهي ڪرپشن نه ڪندا، اُهي وائيٽ هائوس ۾ به رهندي، اوباما وانگر ڪچن جو سامان ۽ ٽوٿ پيسٽ تائين پاڻ خريد ڪندا يا جيڪڏهن بل ڪلنٽن ٿورڙو به ڪوڙ ڳالهايو ته سندس ٽرائل ٿيندو. نواز شريف وٽ تمام گهڻا موقعا هئا جيڪي هُن ضايع ڪيا ته هُو جمهوريت ۽ پارليامينٽ ۽ سڀ کان وڌيڪ وزيراعظم جي عهدي کي طاقتور ڪري ها. عدالتن کان وٺي جي آءِ ٽي جي آفيسرن تائين سامهون ذليل نه ٿئي ها. کيس هڪ فيصلو ڪرڻو هو، جيڪو هُو نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته هُو اصلي جمهوريت ڪڏهن نه هو. نه ته هُو به اهو ئي رستو وٺي ها جيڪو هر آنريبل دنيا جي ٻين جمهوريت پسند ۽ مهذب ملڪن ۾ ورتو هو. جڏهن پاناما اسڪينڊل آيو هو ۽ ان جي ٻارن جا نالا ان ۾ هئا ته هُو استعيفا ڏئي ڪري تاريخ ٺاهي سگهيو پئي. جڏهن سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٺاهي ته به هُو پنهنجن ماتحت آفيسرن سامهون پيش ٿيڻ بدران استعيفا ڏئي سگهيو پئي. جڏهن پارليامينٽ ۾ اهو معاملو اٿاريو ويو ته هُو عدالت بدران پارليامينٽ آڏو جهڪي پوي ها ۽ استعيفا ڏئي ڪري گهر هليو وڃي ها پر نواز شريف به هر حڪمران وانگر اهو سمجهندو رهيو ته هُو اڻٽر آهي. هُو بادشاهه آهي جنهن کان غلطي نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي سزا ملي سگهي ٿي. قدرت ڀلا ڪڏهن بادشاهن کي معاف ڪيو جو اُها نواز شريف کي معاف ڪري ها؟ تاريخ ويچاري کي ڪهڙو الزام ڏيون، انسان ڪڏهن سکيو آهي؟ نواز شريف اندر قديم دور جي ڪنهن بادشاهه جو روح قيد هو. هڪ اهڙو بادشاهه جيڪو غلطي ڪري ٿو ۽ نه ئي ان کي سزا ڏئي سگهجي ٿي. قانون، انصاف ۽ سزائون صرف عام رعايا لاءِ هونديون آهن، بادشاهه لاءِ نه. نواز شريف سڀ فائدا ويهين صديءَ جي جمهوريت مان وٺي رهيو هو پر ذهني طور تي پنج سئو سال اڳ واري دور ۾ زندهه هو ته جڏهن بادشاهه جو ٽرائل نه ٿي سگهندو هو ۽ نه ئي ان کي سزا ملي سگهندي هئي. پنج سئو سال اڳ جي بادشاهن جو مزاج کڻي پيدا ٿيندڙ حڪمران جو ويهين صديءَ ۾ اهو ئي انجام ٿيڻو هو، جيڪو ٿيو. وري هي ... هنگامو