اڱارو 24 اپریل 2018ع

سڏ ورنايون وقت جو

الطاف اثيم
جڳ جي پالڻهار سدائين مون سان ڀورائي ۾ ڀال پئي ڪيا آهن، اوائلي اوستا ۾ پير پائڻ کان ويندي علمي اوسر تائين مٺڙي ملڪ جون مون تي انيڪ عنايتون رهيون آهن. پرائمري اسڪول کان يونيورسٽين تائين اهڙا ته فرض شناس، فياض، شفيق ۽ شانائتا استاد مليا جو سنڌ صدين تائين سندن نالا احترام سان کڻندي، اڄ جا نوجوان جن جا لکيل ڪتاب پڙهندي پنهنجون سوچون سنوارين ٿا، مون انهن مهان هستين آڏو ادب سان ويهي چار اکر پرايا آهن، سندن شخصيت قابليت، سيرت، محنت ۽ خودداري جو ڇا بيان ڪجي، ڪلاس جي اندر يا ٻاهر ڪنهن گڏجاڻي ۾ جڏهن گفتگو ڪندا هئا ته لڳندو هو الفاظ انهن آڏو هٿ ٻڌيو بيٺا آهن ۽ سندن زبان ذريعي هزارين ڪتاب مخاطب آهن. ٻڌندڙ ٻاهر نڪرندو ته وٽس هڙ ۾ ڪو نصيحت ڀريو نقطو ٻڌل هوندو، منهنجن آبرو مند استادن لوڀ لالچ جي لات منات سامهون ڪڏهن پنهنجو سيس ڪو نه نمايو ۽ نه ئي وري حرص هوس جون ڏائڻيون کين چنبن ۾ چائي سگهيون، رزق خاطر رزاق کي پٺتي ڏيئي ڪين هليا، ان ڪري سندن ٿوري کڻي ۾ گهڻي برڪت هئي. سهڻي قول عمل ۽ ڪردار سبب سکي ستابي زندگي گذاري وڃي، جنت مڪاني ٿيا، پنهنجون يادون دلين ۽ دماغن ۾ دائمي طور ڇڏي ويا، مان جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته حسابن وارو مضمون يعني Arithmetic مغز ۾ ڪجهه گهٽ ويهندي هئي، هاڻي اهو سور ڪنهن سان سليان، ڇو ته ”بات تو سچ ٿي، مگر بات ٿي رسوائي ڪي“ اها لڄ جي ڳالهه ان ڪري هئي جو تن ڏينهن ۾ ”ٽيوشن“ پڙهڻ يا پڙهائڻ، شاگرد ۽ استاد ٻنهي لاءِ شرمندگيءَ جو سبب سمجهيو ويندو هو، استاد اڃا ”ڪوٽا“ واري ڪوڙڪي ۾ ڪو نه ڦاٿا هئا، نه ئي شاگرد ڪنهن واهيات وندر جي ور چڙهيا هئا، ٻنهي ڌرين لاءِ ڪلاس روم واري ڪارڪردگي ئي سڀ ڪجهه هئي، هڪ ڏينهن دل جهلي بابا سائين مرحوم سان پنهنجي ان تعليمي ڪمزوري جي ڳالهه ڪيم، پاڻ آٿت ڏيندي چيائين ته سندس دوست سائين غلام نبي منگي روزانو ساڻس گڏ والي بال کيڏڻ لاءِ پاڙي ۾ سائين اڌل شاهه واري گرائونڊ تي ايندو آهي، هو سائنس ۽ حسابن جي مضمون ۾ تمام گهڻو هوشيار آهي، کيس چوندس ته قرب ڪري راند شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳي اوطاق تي اچي توکي پڙهائي وڃي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، ٻئي ڏينهن صبح جو سائين غلام نبي منگي اسڪول ۾ مون کي سڏائي چيو ته ”اڄ شام مان اوهان کي ارٿميٽڪ سمجهائڻ اوطاق تي ايندس تون تيار رهجانءِ“ بس مان ته فقط جي، حاضر سائين، کان وڌيڪ اکر به اچاري نه سگهيس، سائين مهرباني ڪري آيو ۽ مون کي ڪجهه ڏکيون مشقون سمجهايائين، وڃڻ وقت پڇيائين، ”ڀلا پاڙي ۾ ڪي ٻيا ڪلاس فيلو به اٿئي“ چيم ها سائين بشير احمد شيدي ۽ جان محمد لنڊ منهنجا ٻه پاڙيسري ڪلاس فيصلو آهن، سائين وراڻيو، مان روز توکي ته پڙهائڻ ايندس پوءِ جي ٻه ٻيا توسان گڏ پڙهي پون ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، هنن کي منهنجو نياپو ڏجان ته سڀاڻي کان اهي به پڙهڻ اچن، مون ڏاڍي خوشيءَ سان ائين ئي حڪم جي تعميل ڪئي، سائين امتحانن تائين پورا ٽي مهينا اسان کي روزانو باقاعدگي سان پڙهايو، سندس عظمتن کي منهنجو سلام، هڪڙي ڏينهن به نه ماني کاڌائين، نه چانهه يا شربت گهريائين ٽيوشن في ته پري جي ڳالهه آهي، بابا سائين جو ڏنل تحفو به قبول نه ڪيائين، غربتون، غرضون ۽ ضرورتون ته استادن وٽ ان سَمي به هيون پر هڪ محترم استاد سائين عطا محمد ”حامي“ جي بقول: ”جنهن سان ضمير کي ڪا ضرورت ضرر وجهي، تنهن زندگيءَ جي ناهه ضرورت خدا گواهه. سائين منگي صاحب جي مهربانيءَ سان حسابن ۾ ڪجهه ڀڙ ٿيس ۽ ڪلاس ۾ ڪجهه ڪر کڻڻ جهڙو ٿيس ته هڪ ڏينهن حيرت وچان منهنجي ڊيسڪ فيلو مرحوم سرائي محمد علي خاصخيلي (اڳوڻو چيف اڪنامسٽ سنڌ) پڇيو ته ڀلا هي ڪلياڻ ڪٿان ٿيو آهي، چيومانس امتحان ويجها آهن، ڏينهن رات محنت پيو ڪريان، مرحوم مشڪندي چيو محنت ڀلي ڪر پر مون کي تو مٿان ڪنهن قابل استاد جو اولڙو نظر ٿو اچي. ٽيوشن پڙهڻ سچ پڇ ته شاگرد جي گهٽتائي سمجهي ويندي هئي، تنهنڪري ان کي وڌ ۾ وڌ لڪايو ويندو هو، اهو قصو 1965ع جو آهي، شايد اهو سنڌ ۾ علميت ۽ اهليت جي اوج جو زمانو هو، محدود وسيلن باوجود هڪڙو ئي تعليمي بورڊ سموري سنڌ جي هزارين شاگردن جا وقت سر امتحان وٺي نتيجا پڌرا ڪندو هو، اڄ جيان 80 سيڪڙو رزلٽ ۽ شاگردن پاران 90 پرسنٽ مارڪون کڻڻ وارو غير منطقي طريقو ممڪن ئي نه هو، ان دور کان پوءِ ڪاليج يا يونيورسٽي امتحانن جو به تجربو رهيو. 1973ع تائين شاگرد سياسي اٿل پٿل جو حصو بڻجي ويا، مگر اسان کي ڪنهن به سياسي تنظيم جي عهديدار ناجائز ذريعن سان نوازي مارڪن وٺي ڏيڻ جو ڏٽو ڪو نه ڏنو نه ئي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرائڻ جي ڇوٽ ڏياريائون، هتان پوءِ هي گنهگار اکيون درجي بدر جي سنڌ جي تعليمي تباهي جا دردناڪ منظر ڏسنديون پيون اچن. استاد يا شاگرد پنهنجي پَر ۾ نه لٿا نه پٿا نه ڪڏهن مٿن ڏولاون يا ڏڪارن جا ڏکيا ڏينهن ڪڙڪيا، سهولتون، مراعتون ۽ معاوضا به ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا، پر تعليم ۽ تعليمي ادارن جا حال هيڻا ٿي ويا، سنڌ جي سماجي لغت ۾ به ٻه نوان لفظ نمودار ٿيا، هڪ ”ڪاپي ڪلچر“ ٻيو ”ڪارتوس“ اصلي ۽ اجري پر امن قوم پنهنجي لاءِ اهي اگرا لفظ ڪيئن خوشيءَ سان قبول ڪيا سي به تعليم جي نسبت سان؟ اسان پوءِ ڏٺو آهي ته سنڌ جي تعليم لوڊو راند جي ان ڳوٺ جيان 99 واري خاني مان لهي 9 نمبر خاني ۾ پهتي، جنهن کي ڪا خطرناڪ بلا ڳڙڪائي وئي هجي. علم ۽ شعور جي شمع جو شعاءُ ايترو ته جهڪو ٿي ويو آهي، جو سمجهو ۽ دورانديش ماڻهو وائڙائپ جي واٽ تي بيهي واهر لاءِ واجهائڻ لڳا آهن ته سندن ايندڙ نسلن جو ڇا ٿيندو. يورپ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن جا ٻار بنا ٿيلهي واري يعني Bagless اسڪول ۾ پڙهڻ وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو ڪلاس ورڪ يا هوم ورڪ ڪمپيوٽر ذريعي ڪن ٿا ته پوءِ پٺيءَ تي اهو ڪتابن جو ٻورو ڇو کڻي وڃن، هو بليڪ يا وائيٽ بورڊ بجاءِ پاور پوائنٽ تي ليڪچر ٻڌن ٿا، انهن جا نوجوان، مائينڊ سائنسز، ايسٽرو سائنسز، نيوڪليئر انجنيئرنگ، روبوٽ ٽيڪنالاجي مختلف ٿراپيز جهڙا جديد مضمون پڙهن ٿا، جڏهن ته اسين گلوبل وليج ۾ رهندڙ ٻار کي پڙهائيون ٿا، ”صابو هار پاتا، ڏني هار لاٿا“ جديد سائنسي ۽ معلوماتي مضمون ته پري جي ڳالهه، شخصيت ۽ ڪردار سازي ۾ مددگار عملي تربيت يعني اسڪائوٽنگ، پي ٽي ڊبيٽنگ، انڊور ۽ آئوٽ ڊور راندين جي ئي کين خبر نه آهي، محنت ۽ مقصديت کان ميدان خالي ڏسي سرمايه ڪار ۽ اڌ پڙهيل بيروزگار پڙ ۾ لهي پيو، تنهن رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي، اسڪول نه کوليائون ڄڻ ڪي وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور کليا ۽ پوءِ شهر شهر انهن جي فرنچائيز به پهچي وئي، ڪلاس ۾ ٽيهن بدران هڪ سو ٽيهه ٻار سٿيل ”نه سمي ڪئي نه سومري“ تعليم به اڻ پوري ۽ تربيت به اڻ پوري، سلو اهو جو انگورين ڀلو، ڀت وڃي ٿي بنياد تي، ڪمزور تعليمي بنياد تي اڳتي هلي جي ماسٽرز ڊگري به وٺي ٿو ته قابليت جي ڪميءَ سبب ملازمت جي مارڪيٽ ۾ چڱو اگهه ڪري نه ٿو سگهي، ڪنهن بلدياتي اداري ۾ اگر کيس سفيد پوش ”پبلڪ هيلٿ سپروائيزر جي نوڪري ملي وئي ته شڪرانا ڪندو مٺايون ورهائيندو ٿو وتي. سوچن جي سنسار مان ان سوال جو جواب هٿ ڪرڻو پوندو ته تعليم کي تباهي کان بچائڻ وارو وقت جي سڏ ورنائڻ ۾ جي اسان سُستي ۽ ڪوتاهي ڪئي ته قوم جي وجود جي بقا جي جنگ ڪيئن کٽي سگهنداسين؟