اڱارو 24 اپریل 2018ع

نواز ليگ پنجاب بچائڻ لاءِ ٻين صوبن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو راڳ بند ڪري

ايڊيٽوريل
مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ شهباز شريف گذريل ڏينهن ڪراچي پهچندي اهو بيان ڏنو ته نوان صوبا ٺاهڻ بابت فيصلي لاءِ ڪميشن ٺاهي وڃي، سندس چوڻ هو ته ڪميشن ئي طئي ڪري ته نوان صوبا ٺاهڻ جي ڪٿي ضرورت آهي، ساڳئي معاملي کي اڳيان وڌائيندي وري وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جيڪو پڻ مسلم ليگ (ن) جو هن وقت نواز شريف جي جاءِ تي وزير اعظم آهي، تنهن وري ساڳئي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته ڪي پي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به نوان صوبا ٺاهڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن پر آئين ۾ ڪا به هڪ پارٽي ترميم نه ٿي ڪري سگهي، سوال اهو آهي ته ٻنهي نواز ليگ جي اڳواڻن کي هن وقت نون صوبن ٺاهڻ بابت بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي آهي. جيستائين ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ وارو مامرو آهي ته اهو معاملو هن وقت صرف پنجاب تائين محدود آهي، ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ اهڙي قسم جي نه ڪا ڳالهه آهي ۽ نه ئي ڪو معاملو آهي، ڪجهه وقت اڳ ايم ڪيو ايم جي قائد جنهن جي نالي وٺڻ تي به هن وقت پابندي لڳل آهي، تنهن ”را“ ۽ ٻين پاڪستان دشمن قوتن جي اشاري تي سنڌ ۾ اهڙي قسم جا چريائپ ۾ بيان ڏنا ۽ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي پر وقت ثابت ڪيو ته اهو ملڪ مان ئي تڙجي ويو ۽ غدار قرار ڏنو ويو، جنهن کي سنڌو ماتا پاڻ ئي سزا ڏني، هاڻ وري جڏهن پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ خود ان جي غلط ۽ پنهنجا نواز پاليسين سبب ڦوٽ پئي آهي ۽ هڪ گروهه خسرو بختيار ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ پنجاب ۾ سرائيڪي صوبي لاءِ نه رڳو سياسي طور ٻاهر نڪتو آهي پر نواز ليگ سان پنهنجا ناتا ٽوڙي پنجاب ۾ نئين صوبي کي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهيو آهي، جيڪا ڳالهه انهن جي درست به آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين پنجاب وڏي آبادي رکڻ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو به حق کائي رهيو آهي، پر جاگرافيڪل نظريي ۽ معاشي نظريي سان ڏسجي ته پنجاب جنهن جي اڌ آبادي پنجابين ۽ اڌ آبادي سرائيڪي آبادي تي ٻڌل آهي سا تختِ لاهور جي ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب جو مرڪز خوشحال ۽ سرائيڪي پَٽو بکون مري رهيو آهي، ان کانسواءِ تاريخي لحاظ کان بهاول پور اڳ به الڳ رياست هئي، جنهن کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ زوريءَ پنجاب ۾ شامل ڪري ان جي رياستي حيثيت ختم ڪئي وئي، هاڻي سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو بهاولپور رياست جي تاريخي آئيني جي روشني ۾ تختِ لاهور کان ٽُٽي سرائيڪي صوبي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ نواز ليگ جا اڳواڻ شهباز شريف ۽ وزير اعظم اهڙي معاملي جو رخ مٽائڻ لاءِ هرو ڀرون ٻين صوبن ۾ به صوبا ٺاهڻ جو شوشو ڇڏي تختِ لاهور کي بچائڻ چاهين ٿا، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ ۾ نه اڳ صوبو ٺهيو آهي نه مستقبل ۾ ٺهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ان جي ضرورت نه آهي، شهباز شريف ۽ وزير اعظم پنجاب جو خير گهرن ۽ اهڙن بيانن کان پاسو ڪن.