سومر 23 جولائي 2018ع

ڀارتي عدالت مڪه مسجد ڌماڪي ڪيس جا تمام هندو انتهاپسندن جوابدار آزاد ڪري ڇڏيا

ويب ڊيسڪ: حيدرآباد دکن: ڀارتي عدالت مڪه مسجد ڌماڪي جي تمام هندو انتهاپسند جوابدارن کي ناڪافي ثبوتن جي آڌار تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق حيدرآباد جي خصوصي جاچ عدالت ڪيترائي سال هلندڙ مڪه مسجد ڌماڪي ڪيس ۾ تمام جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته جوابدارن خلاف ثبوت ناڪافي آهن، ان لاءِ هنن کي آزاد ڪيو پيو وڃي.