ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

شهنشاهه ظرافت جو خطاب حاصل ڪندڙ ناليواري ڪاميڊين منور ظريف جي 42 هين ورسي ملهائي وئي

ويب ڊيسڪ: لاهور: شهنشاهه ظرافت جو خطاب حاصل ڪندڙ ناليواري ڪاميڊين منور ظريف جي 42 هين ورسي آچر ڏينهن ملهائي وئي. بي ساخته اداڪاري سان شوقينن جي چهرن تي مسڪراهٽ وکيريندڙ منور ظريف 25 ڊسمبر 1940ع تي لاهور جي علائقي گجر سنگهه ۾ پيدا ٿيو، جنهن کي مزاح جو فن وراثت ۾ مليو، مزاحيه اداڪاري ۾ نالو ڪمائيندڙ ناليواري ڪاميڊين منور ظريف کي دور حاضر جو ڪاميڊين اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڪاپي ڪندي نظر ايندو آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1961ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ڊنڊيان کان ڪيو، جنهن بعد سندس مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو. 1973ع ۾ هو پهريون ڀيرو اردو فلم ”پردي ۾ رهني دو“ ۾ سائيڊ هيرو جي روپ ۾ سامهون آيو ۽ ان سال هڪ ٻي فلم ”رنگيلا اور منور ظريف“ جي ڪاميابي منور ظريف کي سپر اسٽار بڻايو. سندس ڪيريئر جي لازوال فلم ”بنارسي ٺگ“ رهي، جنهن ۾ منور ظريف مختلف ڪردارن ۾ پنهنجي منفرد اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. بطور هيرو سندس قابل ذڪر فلمن ۾ اج دي ميهنوا، جيرا بليڊ، شريف بدمعاش، ڪل ڪل ميرانا، رنگيلا اور منور ظريف، وڪر دوهٽي دار، رنگيلا، عاشق ۽ ٻيون ڪيتريون آهن. منور ظريف 20 سالا ڪيريئر ۾ 325 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهري ڏيکار جڏهن ته 29 اپريل 1976 ۾ 35 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو.