جمعو 17  آگسٽ 2018ع

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: ڪولمبو: سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جتي 3 نون رانديگرن کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو. 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 31 سالا اوپننگ بيٽسمين مهيلا اداوتي جي انٽرنيشنل ڊيبليو بعد 10 سالن بعد ٽيسٽ اسڪواڊ م طلبي ٿي آهي، جڏهن ته ڊسمبر 2016ع ۾ آخري ڀيرو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا جي نمائندي ڪندڙ ڪوشل پريرا کي به ٻيهر ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سريلنڪا نون رانديگرن کي آزمائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاسن راجيٿا، جيفري واندرسي ۽ اسيٿا فرنينڊو پهريون ڀيرو سليڪٽرز جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. آل رائونڊر اينجليو ميٿيوس ۽ سورنگا لڪمل جي ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت فٽنيس سا مشروط هوندي. سريلنڪن ٽيم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، جتي هو ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. اعلان يل اڪواڊ م ڪپتان دنيش چنديمل، مهيلا اداوتي، ڪوشل مينڊس، ڪوشل پريرا. دهنجيا ڊي سلوا، روشن سلوا، اينجلو ميٿيوز، نيروشن ڊڪويلا، رنگنا هيراٿ، دلرووان پريرا، اڪيلا دهنجيا، جيفري ويندرسي، لهيرو گماگي، ڪاسن راجيٿا، سورنگا لڪمل، لهيرو ڪمار ۽ آسيٿا فرنينڊو تي مشتمل آهي.