جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ جا اٺن کان نو ميچ ڪراچي، لاهور ۽ هڪ ٻئي شهر ۾ ٿيندا: نجم سيٺي

ويب ڊيسڪ: لاهور: ڊبلن ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ ڏسڻ لاءِ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي ايس ايل جي چيئرمين نجم سيٺي اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنم سيٺي چيو ته ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ جا اٺن کان نو ميچ ڪراچي، لاهور ۽ هڪ ٻئي شهر ۾ ٿيندا. واضح رهي ته ان کان پهريان 2017 جو پي ايس ايل فائنل لاهور ۾ کيڏيو ويو هو، جڏهن ته 2018ع جي ايڊيشن جا پلي آف ميچ لاهور ۽ فائنل ڪراچي ۾ کيڏيو ويو. پي ايس ايل ميچن جي ڪراچي ۾بهترين انعاد بعد ويسٽ انڊين ٽيم به هتي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن هلندڙ سال جي آخر ۾ نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون به پاڪستان اچي کيڏن ٿيون ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مڪمل طور تي بحال ٿي ويندي. پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جي حوالي سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته اسان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي بورڊن کي چيو آهي ته اهي ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان اچي ميچ کيڏن، اميد آهي ته وڏين ٽيمن جي پاڪستان ۾ اچڻ سان پاڪستان ۾مڪمل طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي ويندي.