اربع 23 مئي 2018ع

چيف جسٽس ٻن هفتن جي سرڪاري دوري تي ٻاهرين ملڪ روانو. جسٽس آصف سعيد کوسا قائم مقام چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سرڪاري دوري تي ٻن هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ روانو. جسٽس صف سعيد کوسو قائم مقام چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو. جسٽس آصف سعيد کوسو جي قائم مقام چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب جو انعقاد سپريم ڪورٽ جي بلڊنگ ۾ ٿيو. جسٽس گلزار احمد جسٽس آصف سعيد کوسه کان قائم مقام چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايڊووڪيٽ جنرلز، پاڪستان بار ڪونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جا ميمبر به شريڪ ٿيا، حلف برداري تقريب ۾ وڪيلن کان علاوه رجسٽرار سپريم ڪورٽ آف ۽ اسٽاف به شرڪت ڪئي.