اربع 23 مئي 2018ع

بدقسمتي آهي ته حڪومت به پاڪستان خلاف بيان بازي جو حصو آهي: پي ٽي آئي ترجمان فواد چوڌري

ويب ڊيسڪ: لاهور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته بدقسمتي آهي ته پاڪستان جي حڪومت به پاڪستان خلاف بيانئي جو حصو آهي ۽ موجودا حالتن ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل طرفان صرف مذمت ڪافي آهي، ان معاملي تي اجلاس ٻيهر گهرايو وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري جو چوڻ هو ته احتساب عدالت جو فيصلو اچڻ وارو آهي ۽ ان کان اڳ نواز شريف عالمي طاقتن کي ان معاملي ۾ وجهي ان کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن ان جو معاملو پٺي پويان هلايو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي رياست کان وڌيڪ پاڻ کي نواز شريف جو وفادار ثابت ڪرڻ تي لڳل آهي، وزيراعظم ۽ شهباز شريف پاڻ کي نواز شريف کان الڳ ڪري. فواد چوڌري مطالبو ڪيو ته نواز شريف اڄ ڊان ليڪس جي تصديق ڪئي ۽ ماضي ۾ ڀارت سان ان جي جيڪا پاليسي رهي ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪارگل مسئلي تي پاڪستان جي پٺي پويان ڇرو هنيو، ڪلڀوشن ياديو خلاف ڪڏهن ڪجهه نه چيو، اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته نواز شريف جي ڀارت سان ڪهڙي دلچسي آهي. هن چيو ته اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته نواز شريف جو ڀارت سان ڪهڙو تعلق آهي، هو پاناما پيپرز جي نتيجي کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هاڻ ان سان گڏ بيٺل ماڻهو سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪا آهن.