ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

نواز شريف تي ڀارت رقم منتقل ڪرڻ جو الزام، نيب چيئرمين قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي ڪميٽي ۾ طلب

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف تي 4.9 ارب رپين جي ڀارت مني لانڊرنگ جي الزام تي قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. ڪميٽي قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا حيات طرفان کنيل اعتراض واري نقطي جو نوٽيس وٺندي نيب چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي. ڪميٽي نيب چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي معاملي تي بريف ڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ لاڳاپيل آفيسرن کي وٺي اچڻ جي به هدايت ڪئي آهي. خيال رهي ته جسٽس (ر) جاويد اقبال اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف مبينا طور تي 4.9 ارب ڊالر ڀارت موڪلڻ واري ميڊيا جي رپورٽن تي نوٽيس وٺي ڇنڊ ڇاڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو.