جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ممبئي حملن بابت نواز شريف جو ڏنل خطرناڪ بيان

ايڊيٽوريل
اڳوڻي نااهل وزيراعظم نواز شريف ممبئي حملن ۾ پاڪستان جي ويڙهاڪ تنظيمن کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هڪ انگريزي اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ويڙهاڪ تنظيمون اڃا به متحرڪ آهن، جن کي غير رياستي عناصر چيو وڃي ٿو. ڇا انهن کي اجازت ڏيڻ گهرجي. ته سرحد پار وڃي ممبئي ۾ 150 ماڻهو قتل ڪري ڇڏي ۽ اهڙو عمل قبولڻ جوڳو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي قربانين باوجود اسان جو موقف تسليم نٿو ڪيو وڃي ۽ افغانستان جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي. اهڙي انٽرويو کي ملڪ جي عسڪري قوت گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. جڏهن ته ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين به نواز شريف جي اهڙي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ پيپلز پارٽي نواز شريف جي بيان کي ملڪ دشمني قرار ڏنو آهي. ميان نواز شريف ڪيتري عرصي کان هڪ طرف نه رڳو تڪراري سياست ڪري رهيو آهي پر مختلف قومي ادارن ۽ عدليه خلاف به زهر اوڳاڇي رهيو آهي. جنهن ڏينهن کان کيس عدالت نااهل قرار ڏنو آهي ته همراهه ڄڻ ته ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، ”نه ڏسي ٿو اڳيان نه ڏسي ٿو پويان“ ۽ جيڪو وڻيس ٿو اهو بيان ڏئي ڇڏي ٿو پر ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ان تي غور نٿو ڪري. ڊان ليڪس واري معاملي سندس حڪومت ۽ سندس سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، بعد ۾ هن پنهنجي ئي ڪجهه وزيرن ۽ هڪ ٻه ڪامورن کي قرباني جو ٻڪر بڻائي ان معاملي کي ٺاري ته ڇڏيو پر اڃا به ڊان ليڪس واري معاملي تي نه رڳو عسڪري قوت پر سياسي قوتن کي به شڪ شُبها برقرار آهن ۽ اهي اڃا به شڪ ڪن ٿا ته اهڙو بيان نواز ليگ منظم سازش تحت جاري ڪيو. اڃا اهو مسئلو ذهن تان نه لٿو آهي ته گذريل ڏينهن وري ميان صاحب ٻيهر ڊان اخبار سان ڳالهائيندي هڪ عجيب پر نامناسب ۽ تڪراري بيان ڏئي ڄڻ ته ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادت کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ميان صاحب جو چوڻ آهي ته ممبئي حملن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪ تنظيمون ملوث آهن، دلچسپ ڳالهه ته هو ان بيان تي اڃا به بضد آهي. ان هوندي به جو شهباز شريف سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ وارو بيان ڏنو آهي پر ميان صاحب وري ان بيان تي قائم آهي. سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته نواز شريف جڏهن پاڻ وزيراعظم هو ته ان وقت هن اهو بيان ڇو نه ڏنو ۽ اڄ جڏهن هو هر طرف کان پنهنجي غير سنجيده سياسي قدمن ۽ بادشاهت جي سوچ رکڻ سبب هر طرف ٻه ٽنگو ڦاٿو آهي ته هو عجيب قسم جا ملڪ جي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي. جيڪي بيان ملڪي سالميت خلاف نه رڳو خطرناڪ پر پاڪستان کي دنيا اندر بدنام ڪرڻ جي هڪ منظم سازش آهي. نواز شريف جي اهڙي بيان کي ڀارتي ميڊيا ڄڻ ته ممبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي سڄي دنيا ۾ ڦيلائڻ شروع ڪيو آهي ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ۽ ممبئي حملي جو سڄو ملبو ان بيان کانپوءِ پاڪستان تي مڙهي ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏينهن ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادت جنهن ۾ نواز شريف جي ممبئي حملن بابت ڏنل بيان کي رد ڪيو ويو آهي ۽ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلط تصور جي بنياد تي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري راءِ قائم ڪرڻ بدقسمتي آهي ۽ نواز شريف جو بيان غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي. افسوس ته ان ڳالهه تي ٿئي ٿو جو نواز شريف ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو آهي پر سندس اهڙن بيانن مان لڳي ٿو ته هو موجوده صورتحال ۾ ذهني طور پريشان آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هو سينيئر سياستدان جي حيثيت ۾ نه رڳو اهڙن بيانن کان پاسو ڪري پر جذبات کان هٽي ڪري مثبت سياست ۽ مثبت بيان جاري ڪري، ٻي صورت ۾ نه رڳو سندس پر سندس پارٽي جي ساک سخت متاثر ٿي سگهي ٿي