جمعو 17  آگسٽ 2018ع

پاڪستان تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: ڊبلن: آئرلينڊ خلاف تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ بابر اعظم ۽ امام الحق جي شاندار ففٽين سبب پاڪستان آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان آئرلينڊ طرفان ڏنل 160 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. ميچ پنجين آئرلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 319 رنسن سان پنهنجي ٻئين اننگز شروع ڪئي پر ان جا آخري ٽي رانديگر صرف 20 رنسن جي واڌ ڪري سگهيا ۽ پوري ٽيم 339 رنسن تي پويلين واپس هلي وئي. 160 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي پاڪستان جي شروعات سٺي نه هئي ۽ ان جون ٽي وڪيٽون صرف 14 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪري پيون، اظهر علي 2، حارث سهيل 7 ۽ اسد شفيق صرف هڪ رنس ٺاهي پويلين واپس هليو ويو. چوٿين وڪيٽ تي بابر اعظم ۽ امام الحق ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي پاڪستان جي ڪاميابي جي بنياد رکي. ٻنهي رانديگرن ففٽيون مڪمل ڪيون ۽ 126 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جنهن کانپوءِ بابر اعظم 140 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوءِ ڪپتان سرفراز احمد بيٽنگ لاءِ آيو جڏهن ته هو ميچ فنش نه ڪري سگهيو ۽ 8 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. سرفراز کانپوءِ شاداب خان ڪريز تي آيو جنهن امام الحق جو خوب ساٿ ڏنو ۽ ميچ کي منطقي انجام تائين پهچايو. نوجوان ليفٽ آرم بيٽسمين امام الحق 74 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هو ٻئين اننگز ۾ پاڪستان جو ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته شاداب خان 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان محمد عباس 66 رنسون ڏئي 5، محمد عامر 63 رنسون ڏئي 3 جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.